گهڙو ڀڳو ته گهوريو،تان ڪي تر، هنيان!
ادب اکڙين کي ڏيهاڻي ڏيان
ميهارن ميان، سئون سونهايم پيچرو.
سنڌ جي ڊيموگرافي سنڌي قوم کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ٿيڻ جي آخري ڏاڪي تي پهچي چڪي آهي، سنڌ جا معدني وسيلا پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کان کسي پنجاب کي پالڻ ۽ نوازڻ لاء ڪتب آندا پيا وڃن، سنڌ جي دولت زمين پنجاب جي لاء مال غنيمت بنائي ويئي آهي، سنڌ جي درياه جي پاڻي تي پنجاب جو جبري قبضي جاري آهي، سنڌ سڪي ويران ٿي رهي آهي ۱۹۵۴ جي سنڌ ۽ پنجاب درميان ٿيل پاڻي ٺاهه موجب سنڌودرياه جو ۷۵ سيڪڙو پاڻي سنڌ جو حق تسليم ڪيو ويو هئو، جڏنهن ته باقي پنجاب جي درياهن مان ۲۵ سيڪڙو پاڻي سنڌ جو حق تسليم ڪيل هئو ،مگر پنجاب پنهنجي درياهن جو پاڻي انڊيا کي وڪڻي ڏنو ۽ هاڻ سنڌ جي درياه تي قبضو ڪري سنڌ جي مفادت جي خلاف مختلف ڊيم ۽ ڪيئنال اڏي سنڌ جي پاڻيء تي جبري ڌاڙو هڻي رهيو آهي، ڀوتارن پاران سنڌ جي تعليم مڪمل تباهي ۽ برباديء جي ڪنڌيء تي پهچائي ويئي آهي، سنڌ خلاف پنجاب طرفان مذهب ۽ پنجابي فوج جي بندوق جي زور تي بدترين غلامي سياسي جبر ۽ معاشي استحصال جاري رکندي سنڌي سماج جي جديد قومي تڪميل نو ۽ ارتقا ۾ هٿرادو سازشي رڪاوٽون وڍيون ويون آهن، سنڌ کي غلام اٻوجه نستو ۽ ساڻو بڻائڻ لاء سنڌ مٿان رياستي سازشن تحت فرسودا جاگيردار طبقو، نسل پرست فاشي ٽولا ۽ بنياد پرست مذهبي گروهه مسلط ڪيا ويا آهن، جن جي نگراني ۽ سرپرستي رياستي ادارا ۽ ايجنسيون سڌري ريت ڪري رهيون آهن، سنڌ جي قومي شعور کي ڪچلڻ لاء سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سياسي ڪارڪنن کي رياستي آپريشن ڪندي گرفتار ڪري گم ڪرڻ، جيئرو ساڙڻ، مارڻ ۽ چچريل لاش ڏيڻ جو سلسلو سالن کان جاري آهي، سنڌ خلاف رياستي دهشتگردي، سفاڪي ۽ بربريت جاري آهي، بنگلاديش جي آزاديء کان پوء موجوده پاڪستاني رياست جي باقي رهڻ جو ڪوبه سياسي اخلاقي تاريخي معاشي جواز ناهي، موجوده پاڪستان گريٽر پنجاب ۽ پنجابي استعماري سلطنت شاهي آهي، پاڪستان جي سنڌي ۽ بلوچ قومن جي ضرورت ناهي پاڪستان صرف پنجاب جي مفادن لاء بندوق جي روز تي پنجاب طرفان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو قومي وجود ۽ تاريخي حيثيت ڳري رهي آهي، ان ڪري سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن ۽ نوجوانن کي آگاه ٿو ڪجي ته سنڌوديش جي آزاديء لاء جدوجهد ڪندڙ ۽ فڪر سائين جي ايم سيد جي پوئلڳي ڪندي مادر وطن سنڌوديش جي آزاديء لاء جدوجهد ڪندڙ پارٽي جيئي سنڌ متحده محاذ کي مظبوت ڪريو، جسمم جي سياسي اخلاقي حمات ۽ ساٿ ڏيو، سنڌ جو وطني تشخص قومي وجود صرف قومي آزادي وسيلي ئي بچائي ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ٻي ڪابه واهه ۽ واٽ تاريخ اسان جي اڳيان ناهي ڇڏي، ان ڪري اچو ته پنهنجي مادري وطن سنڌوديش جي وارثي ڪريون ۽ قومي آزاديء جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پنهنجو تاريخي فرض پورو ڪريون. مهرباني توهان جو پنهنجو
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ

