قومي تحريڪ جو ۱۷ جنوريء جي حوالي سان سنڌي قوم ڏانهن قومي پيغام ۽ تاريخي موقفجسمم چيئرمين شفيع برفت جي تقرير.

معزز سنڌ واسيو!

جيئي سنڌوديش

اڄ مان توهان سنڌ واسين سان مخاطب آهيان جيڪي سنڌ جي مقدس سرزمين کي پنهنجو وطن سمجهو ٿا ها اهو سنڌ وطن جيڪو هزارن سالن انساني تهذيب تاريخ زبان ماڻهپي ۽ انسانيت جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي، توهان سڀ چڱيء طرح سان ڄاڻو ٿا ته موجوده وقت ۾ اسان جو وطن سنڌ اڄ پاڪستان جي نالي ۾ هڪ غير فطري مذهبي انتها پسند رياست پاڪستان جي نالي ۾ پنجابي سامراج جي قبضي، سياسي جبر، معاشي استحصال ۽ بدترين قومي غلاميء جو شڪار آهي، سنڌ جيڪا هزارن سالن کان پنهنجي جدا قومي ۽ وطني آزاد ملڪ واري حيثيت ۾ تاريخ ۾ باوقار قوم رهي آهي، ان سنڌ وطن کي ۱۸۴۳ع ۾ انگريز سامراج ڌوڪي ۽ فريب ذريعي حملو ڪندي غلام بنايو ۽ پنهنجي انتظامي سهولت خاطر هندستان جو حصو بنائي ڇڏيو، جيڪو هڪ قسم جو ون يونٽ هئو ۽ سنڌ ان وقت جي بمبئي پريزيڊنسيء جو حصو بنائي ويئي جنهن سان سنڌ جي قومي وطني ۽ تاريخي حيثيت کي گم ڪيو ويو جنهن خلاف سنڌ جي قومي سياسي دانشورن سياسي قومي ڪارڪنن ان وقت وڏي جدوجهد کان پوء سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري سندس تاريخي وطني قومي حيثيت ۽ سڃاڻپ سان ٻيهر بحال ڪرايو ۽ ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئيء جي گرفت مان ٻاهر ڪڍيو ويو پر بدقسمتيء سان  ان بعد فورن  ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ کي انگريزن جي وسيع گريٽ گيم جي سازشي منصوبي تحت برصغير جي ورهاڱي جي شڪل ۾ نئين جعلي رياست پاڪستان ۾ پنجابي استعماريت جي غلاميء قبضي ۽ قيد ۾ ٻيهرواڙيو ويو، جيڪو قبضو، غلامي ۽ قيد اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي قومي وجود وطني تشخص خلاف جاري آهي، سنڌ کي کي پنجابي سامراج پنهنجي معدني وسيلن قومي دولت کان محروم بنائي ڇڏيو آهي، سنڌي ٻولي جيڪا هزارين سالن کان هن سموري خطي جي نه صرف لکي، سمجهي ۽ ڳالهائي ويندڙ ٻولي رهي آهي پر دنيا جي ڪيترين کي جديد ٻولين جي ماء ٻوليء جي حيثيت ۾ وڏي مان مرتبي عزت ۽ احترام جو درجو رکندڙ ٻولي رهي آهي ان سنڌي ٻوليء کي پاڪستان ۾ پنجابي سامراج پاران سازشون ڪندي سندس ان تاريخي حيثيت کي مڪمل  ختم ڪيو پيو وڃي، سنڌي قوم کي پنهنجي ئي تاريخي وطن سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء لکن جي تعداد ۾ ٻين ملڪن ۽ صوبن جي ماڻهن کي پنجابي فوج ۽ اسٽيبلشمينت پاران سنڌ ۾ آڻي آباد ڪيو ويو آهي، سنڌ جي درياهه جي پاڻيء تي ۱۹۴۵ واري سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه موجب ۷۵ سيڪڙو پاڻيء تي سنڌ جو حق تسليم ڪيل آهي باوجود ان جي سنڌ جي ان پاڻيء مٿان  پنجابي سامراج  پاران بدماشي ۽ سينا زوري ڪندي ڌاڙو هڻندي ناجائز ڊيم ۽ ڪيئنال ٺاهي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ کي سڪايو ويوآهي، سنڌي سماج جي تاريخي سماجي ارتقا ۾ رڪاوٽون وجهندي سنڌ مٿان هڪ طرف جاگيردار طبقي کي پنجاب پاران پنهنجي ان  دلال طبقي جي معرفت سنڌي قوم ۽ سماج جي ڳچيء ۾ غلاميء جي ڳٽ کي وڌو ويو آهي ٻئي طرف برصغير جي ورهاڱي واري سازش جي نتيجي ۾ سنڌ جي شهري باشعور پڙهيل لکيل واپاري آبادي ۽معاشي مڊل ڪلاس سنڌي هندن کي هندستان لڏي وڃڻ جي نفسياتي سازش ڪئي ويئي ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪي هندستان کان اردو ڳالهائينڙ ماڻهون سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ جي شهرن ۾ اچي آباد ٿيا  ۽ انهن اردو ڳالهائيندڙن سنڌ ۾ اچي سنڌي هندن پاران شهرن ۾ ڇڏي ويل گهرن واپار ڪاروبار ۽دڪانن کي اچي سنڀاليو ۽ سنڌ جو هڪ نئو مڊل ڪلاس واپاري طبقو يا سرمائيدار طبقو پيدا ٿيو جنهن نئين معاشي طبقي کي سنڌ جي قومي سياست ۾ جديد قومي پرستيء جي بنياد تي جاگيردايء جي خاتمي لاء تاريخي سياسي ڪردار ادا ڪندي پنجابي استعماري قبضي خلاف سنڌ جو روشن خيال سياسي ڪردار ادار ڪرڻو هئو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي سنڌ دوست تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ لاء هر اول دستي جو فرض پورو ڪرڻو هئو ان اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي پڻ پنجابي سامراج ان جي فوج ايجنسين ۽ سياسي اشرافيا نسل پرستيء جي گمراهيء جو شڪار بنائي سنڌ کان اوپرو ويڳاڻو بنائي سنڌ جي قومي تاريخي ڪردار ۽ فرض جي پوراء ۾ رياست رڪاوٽون وجهي ڇڏيون نتيجي ۾ هڪ طرف سنڌ جي فرسوده جاگيردار طبقي کان پنجاب سامراج پاران  سنڌ جي تاريخي قومي ۽ وطني مفادن خلاف غداري ڪرائڻ شروع ڪرائي ٻئي طرف اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي گمراهه ڪندي پنجاب سامراج انهن کي نسل پرستيء واري جزوي سياست ۽ ذهنيت جي ڪنڊ ۾ ڌڪي سنڌ جي وسيع قومي، تاريخي ۽ وطني مفادن سان جڙڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون، مذهبي تنظيمن جي نالي ۾ سنڌ جي قومي تاريخي شعور کي دقيانوسيت واري پٿر جي زماني ۽ قبائلي دور وارين روايتن ڏانهن ڌڪڻ ۽ رياستي نام نهاد ٻه قومي  جعلي موقف ۽ تنگ نظريء انتها پسنديء واري سوڙهي سوچ ۾ محدود ڪرڻ واري گمراهي پيدا ڪئي ويئي، نام نهاد ڪميونسٽن جي اصطلاحي تاويلن جي ذريعي سنڌوديش جي آزاديء ۾ جاگيردان نسل پرستن ۽ بنياد پرستن جيئن سياسي نفسياتي ۽ عملي رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون، ڇاڪاڻ ته مٿين سمورن حلقن کي اهو احساس هئو ته سنڌ جي معروضيت ۾ سياسي حوالي سان سندن الهامي دعوائون ۽ عقيدن واريون شخصيتون ۽ لينن مارڪس سائين جي ايم سيد جي سياسي ڪردار ۽ شخصيت جي اڳيان پتڪڙا ۽ ننڍڙا ٻآر بنيل آهن ان ڪري اردو جي ان محاوري وانگر ته ڊوبتا ڪيا نه ڪرتا جي مثل جاگيردارن، بنياد پرستن، نسل پرستن ڪميونسٽن موقعي پرستن گڏ جي رياستي دانشورن جي همنوائي ڪندي سيد، سنڌوديش ۽ قومي تحريڪ خلاف واويلا شروع ڪئي ۽ فڪر سائين جي ايم سيد خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا سنڌ جي تاريخي قومي مفادن خلاف جن جن به غداريون، گمراهيون، موقعي پرستيون ڌوڪه فريب ۽ سازشون ڪيو تاريخ انهن کي رد ڪندي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ فڪر سيد کي سنڌ جي تاريخي ۽ قومي مفادن جو حقيقي محافظ ثابت ڪيو آهيمعزز سنڌو!

هن وقت افسوس ناڪ صورتحال اها پڻ نظراچي پئي ته رياست سنڌ ۽ بلوچ قومي تحريڪن خلاف سازشون ڪندي هڪ طرف بلوچ قوم پرستيء کي نسل پرستيء طرف موڙڻ چاهي ٿي ته ٻئي پاسي سنڌ جي قوم پرستيء کي پارلياماني موقعي پرستيء طرف ڌڪي رهي آهي جيڪو رجحان نه صرف سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي مفادن ۽ تحريڪن  جي خلاف آهي پر اها سوچ سنڌ ۽ بلوچستان جي  قومي تحريڪن جي  سياسي ۽ نظرياتي ٿڪاوٽ جو پڻ اظهار محسوس ٿئي ٿو، سمجهه ۾ ائي ٿو اچي ته  سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪو مڊل ڪلاس طبقو پيدا ٿيو آهي ان کي رياست قومي تحريڪ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪرڻ لاء متحرڪ ٿيڻ کان پري ڪرڻ لاء پارلياماني سياست جي آڙ ۾ رياست ڏانهن رجوع ڪرائڻ چاهي ٿي  ان ڪري هڪ طرف بلوچ مزاحمت کي بلو مارچ طرف ۽ سنڌ جي قوم پرستن کي پارلياماني مراعتن طرف ڌڪيو پيو وڃي جيڪا صورتحال سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن جي تاريخي ۽ انقلابي جدوجهدن لاء اڳتي هلي سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قوم جو سياسي مڊل ڪلاس انقلابي دڳ اختيار ڪرڻ بجاء مراعتن ۽ موقعي پرستيء کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهي ان ڪري اسان ڏسي رهيا آهيون ته بلوچ قوم پرستي تاريخي ۽ وطني حيثيت تحت جديد ۽ انقلابي رخ اختيار ڪرڻ ۽ سائين خير بخش مريء واري سياسي فڪري واٽ تي هلڻ بجاء هاڻ سرائڪي وسيب ۽ سنڌ ۾ بلوچ نسل پرستيء کي هٿي ڏيئي رهيا آهن ۽ سنڌ جي قومي پرستيء کي وري رياست ريهي ريمڀي پارلياماني موقعي پرستيء جي معرفت سنڌي قوم جي ذهنن ۾ رياست کي قبول ڪرڻ ۽ هضم ڪرائڻ واري شديد موقعي پرستي ڪرائي پئي وڃي جيڪا ڳالهه  سنڌ جي تاريخي ۽ قومي مفادن سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر آهي، بلوچ سياسي ڪارڪن اها ڳالهه ذهنشين ڪن ته اسان سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ نسل جا قبيلا سنڌي قوم آهيون ڇاڪاڻ ته اسان سنڌ کي پنهنجي ماء ۽ وطن ٿا سمجهون  ان ڪري سنڌ ۾ بلوچ نسل پرستيء جي رجحانن سان خود بلوچ قومي تحريڪ کي سياسي نفسياتي ڪاپاري ڌڪ لڳندو جنهن کان پرهيز ڪيو وڃي ياد رکيو وڃي ته  قومون نسلي ۽ لساني آڌار تي ناهن ٺهنديون بلڪه قومون وطن سياسي معاشي مفادن جي هم آهنگيء سان وجود ۾ اينديون آهن، اسان سنڌ ۾ رهندڙ سمورا نسل لساني پس منظر واران ماڻهون سنڌي قوم آهيون، اسان کي سنڌ وطن ان جي مٽي سياسي معاشي مفادن جو شعور سنڌي قوم ٿو بنائي ياد رکو ته اگر نسلي ۽ لساني بنيادن تي قومون جڙن ها ته پوء عرب سڀ عربي ٻولي ڳالهائڻ هڪ جهڙو لباس پائڻ ۽ هڪ جهڙي ماحول ۾ رهن جي باوجود هڪ عربي قوم ڇو ناهن؟  پر اهي عراقي، شامي، سعودي، قطريم يمني ڪويتي قومون آهن، ائين انگريز جيڪي انگريزي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ نسلي طرح هڪ آهن اهي جڏنهن امريڪا ۾ ويا ته اتي هو امريڪي قوم بنجي ويا آسٽريليا ۾ ويا ته اتي هو آسٽريلين قوم بنجي ويا ۽ آفريقي پڻ نسلي طرح هڪ جهڙي آبادي آهن پر انهن جون به مختلف قومون آهن ائين سنڌي ، بلوچ،سرائڪي قومن ۾ مختلف  لساني نسلي گروهه شامل آهن انهن قومن ۾ لساني نسلي گروهن کي وطني قومي سڃاڻپ کان الڳ قوم سمجهڻ سياسي سادگي نسل پرستي آهي ۽ نسل پرستيء کي سموري دنيا ۾ ڪٿي مڃتا ناهي ملندي ۽ کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي جنهن کان سنڌ ۽ بلوچ قومي تحريڪ کي بچڻ گهرجي ۽ نسل پرپرستيء خلاف قومي ڪارڪنن ۽ دانشورن کي سياسي نظرياتي ۽ فڪري محاظن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سان  سنڌ جي قومي پرستيء کي وري رياست جي جهوليء ۾ وجهڻ واري پارلياماني حرفت پڻ سنڌ جي قومي تاريخي مفادن خلاف سازش آهي جنهن کان باشعور سنڌي ۽ قومي ڪارڪن هوشيار رهن ۽ ان تي پڻ سنڌ جي قومي دانشورن کي فڪري محاذ تي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي. معزز سنڌيو قومي ڪارڪنو!

رياست سنڌوديش جي آزاديء جي تحريڪ کان ايترو ته خوفزده آهي جو هن سنڌ ۾ تمام وڏي پيماني تي لالچ ۽ خوف جي حربن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، رياست قومي تحريڪ خلاف سازشون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جڏنهن ڪو دشمن يا دشمن قوت توهان جي خلاف سازشون ڪرڻ شروع ڪري ته سمجهو اها توهان جي موقف طاقت جدوجهد عزم حوصلي کان مڪمل خوفزده ٿي شڪست خورده ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته رياست ان جون ايجنسيون ۽ فوج سمڪجهي ٿي ته سنڌي قوم ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي ڊيڄاري هيسائي ۽ خريد ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري رياست جڏنهن جسمم جي قومي ڪارڪنن کي گرفاترين بعد ٽارچر سيلن ۾ مٿن غير انساني تشدد ڪرڻ شروع ڪيو هئو ته بقول شهيد مظفر ڀٽو جي ته هو تشدد اسان جي مٿان ڪندا هئا مگر انهن جي اکين ۾ جسمم کان خوف هوندو هئو ۽ اهي ڊڄندا وري جسمم جي ڪارڪنن کان هئا، ان ڪري پڪ سمجهو جيڪو سامراج قابض هجڻ جي باوجود خوفزده هجي ته سمجهو آزاديء جي منزل تمام ويجهي آهي، اڄ دنيا جي مخلتف ملڪن ۽ عالمي ادارن اڳيان پڻ سنڌوديش جو قومي ڪيس پهچي چڪو آهي، دنيا سنڌوديش کي هڪ تاريخي حقيقت ۽ سچ سمجهي ان نتيجي تي پهتي آهي ته سنڌوديش هڪ آزاد ملڪ هئو ۽ سنڌوديش هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ پنهنجو قومي وجود برقرار رکي سگهڻ جون سموريون گهرجون ۽ تقاصائون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هڪ آزاد ملڪ ۽ قوم جي حيثيت ۾ سنڌ ۽ سنڌين وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو ڪنهن آزاد وطن ۽ قوم لاء ضروري هوندو آهي، سنڌ وٽ سمنڊ آهي درايهه آهي معدني وسيلا آهن زمينون آهن آزاديء کان پوء سنڌي قوم دنيا جي امير ترين قومن مان هڪ قوم هوندي سنڌ وٽ پنهنجا ايترا وسيلا تيل گيس ڪوئلو دولت موجود آهي جنهن سان سموري قوم کي رهائش، تعليم، صحت مفت ۾ ملي سگهندو۽ سموري قوم بغير ڪنهن نلسي لساني مذهبي فرق جي هڪ آزاد سيڪيولر قوم جي حيثيت ۾ باوقار زندگي گذاري سگهندي، سنڌي قوم هڪ جديد وطني قوم آهي جيڪا مختلف لساني نسلي گروهن مذهبن مسلڪن تي مشتمل آهي ۽ سنڌ هزارين سالن کان هڪ آزاد ملڪ ۽ قوم رهي آهي، سنڌ جي تاريخي قومي سلطنت واريون سرحدون ڪنهن وقت مڪران کان ملتان تائين ۽ راجستان کان ڪڇ ڀڄ تائين رهيون آهن، سنڌ وطن جي شهيد راء سهارس ايراني جابر حڪمرانن سان پنهنجي وطن جي سرحدن جو دفاع ڪندي مڪران وٽ شهادت ماڻي هئي ۽ سنڌ جي هڪ ٻئي شهيد مهاراجه ڏاهرعرب سامراج جي حملي خلاف وطن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي هئي، سنڌ جي هڪ ٽئين شهيد دولهه درياهه خان ارغونن ترخانن سان سبي ۽ ڍاڍر وٽ سنڌ وطن جي سرحدن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي هئي، سنڌ جي هڪ ٻئي شهيد صبغت الله شاه راشديء  انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جي جدوجهد ڪندي  شهادت ماڻي هئي، شهيد مخدوم بلاول، شهيد شاه عنايت، شهيد روپلو ڪولهي، شهيد هيمون ڪالاڻي، شهيد هوشو شيدي، شهيد دودو سومرو شهيد طوطان خان نوحآڻي

جديد سنڌ جي قومي تحريڪ جي عظيم شهيدن شهيد مظفر ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد سميع الله ڪلهوڙو، شهيد نورالله تنيو شهيد روپلو چانڊيو شھيد ذلفقار ڪولاچي، شھيد منير خان چولياڻي، شھيد  راجا ڏاھر ڀنڀرو، شھيد  ممتاز ڀٽو شھيد برڪت چانڊيو،  شھيد سڪندر سومرو، شھيد افضل پھنور، شھيد  اسد عباسي،  شھيد  بابر سنديلو، شھيد اعيجاز سولنگي، شھيد آصف پھنور، شھيد  شڪيل کھنارو، شھيد نور الله تنيو،  شھيد  پريل شاهه، شھيد ظامن شاهه، شھيد يامين چاچڙ، صوڀل ڏاھر، شھيد  ماجد ميمڻ، صاحب خان گوٽيو، روشن بروھي، ذاڪر بوزدار، سرويچ پيرزادو، سجاد مرکنڊ، شھيد عامر کھاوڙ، شھيد حليم چنا، منير خان  شاھاڻي، شھيد  ڪمال راھمون، شھيد  انيس سومرو، شھيد عاشق مغيري، شھيد عبدالرزاق سومرو، شھيد واجد لنگاھ، شھيد رحيم ميمڻ، شھيد فھيم لانگاھ، شھيد الله ڏنون راھمون، شھيد نياز لاشاري، شھيد  نواب راھمون

سميت سنڌ جي تاريخ ۾ لکين بهادر سنڌين پنهنجي وطن جي آزاديء کي برقرار رکڻ لاء ڌارين حملي آورن خلاف مزاحمتون ڪندي شهادتون ماڻيون آهن ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي قوم پنهنجي مادري وطن سنڌوديش جي آزاديء لاء آخري دم تائين ۽ فتح ۽ ڪاميابيء تائين سياسي جدوجهد ۽ قومي مزاحمت واري تاريخي قومي فرض سان نڀائيندي ۽ ساهه ڏيئي ويساهه بحال ڪرڻ واري قول تي ثابت قدم رهندي، سنڌي قوم کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هن وقت سنڌ پاڪستان ۾ قيد ۽ غلام آهي، سنڌ جي وسيلن تي پنجابي سامراج جو قبضو آهي، پنجاب سامراج سنڌ جي قومي وحڊت خلاف سازشون ڪري رهيوآهي، پنجابي سامراج سنڌي قوم کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي، پنجابي سامراج سنڌ جي سياسي وحدت ۽ طاقت کي لساني ۽ نسلي بنيادن تي ورهائڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي، پنجابي سامراج سنڌ ۾ جاگيردارن کي رياستي سرپرستيء ۾ سياسي طور تي سنڌي سماج جي ڳچيء ۾ وجهي سنڌ جي غلاميء کي وڌائي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي لساني بنيادن تي سنڌ وطن کان پري ۽ اوپرو ڪري بيهارڻ جو سازشون ڪندو رهيو آهي باوجود ان جي هن وقت سموري سنڌ پنجاب جي انهن سنڌ دشمن سازشن کي سمجهندي ۽ رد ڪري چڪي آهي، هن وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جي باشعور باهمت بهادر قومي ڪارڪنن ۾ قومي تحريڪ جي اتحاد گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو جيڪو جزبو حوصلو ولولو پيدا ٿيو آهي ان کان پڻ رياست مڪمل خوفزده ٿي هيسجي چڪي آهي، ان ڪري رياست سنڌي قوم جي ڊيموگرافيء ۽ سنڌ جي وطني وحدت خلاف سازشون پئي ڪري اهو ئي سبب آهي جو رياست سنڌ جي قوم پرستيء کي پارلياماني موقعي پرستيء جي گمراهيء طرف ڌڪي رهي آهي، پر سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ باشعور سنڌي رياست جي اهڙين سازشن ۽ مڪارين کي سمجهندي رد ڪري چڪا آهن ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم سمجهي ٿي ته پاڪستان سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جي وجود ۽ وحدت جو ويري ۽ دشمن آهي، ان ڪري هاڻ سموري باشعور سنڌ سمجهي ٿي ته  جيستائين هي غير فطري رياست پاڪستان رهندي سنڌ ان ۾ غلام رهندي ۽ جنهن ڏينهن پاڪستان ڊهي پٽ پوندو ان ڏينهن سنڌي قوم بهادر بنگالي قوم وانگر هڪ آزاد ۽ باوقار قوم بنجي ويندي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي سمورن باشعور سنڌين مردن عورتن سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي حب الوطنيء جي اها تاريخي تقاضا آهي ته سموري سنڌي قوم ۽ قومي تحريڪ متحد ٿي پنجابي سامراج خلاف مادري وطن سنڌوديش جي آزاديء واري هڪ نقطي تي گڏ ٿئي ۽ گڏيل جدوجهد ڪري، هن وقت سنڌ جي غلاميء جو سوال باشعور باضمير ۽ غيرتمند سنڌين لاء تمام وڏو چيئلينج آهي، اسان کي سياسي جدوجهد کان وٺي عالمي سفارتڪاريء تائين سوشل ميڊيا کان ويندي قومي مزاحمت تائين سنڌ ۾ گڏيل اتحاد کان ويندي هندستان سميت پوري دنيا ۾ ڦهليل سنڌي کي سنڌوديش جي هڪ نقطي تي متفق ۽ متحد ڪرڻ جو سوال اهم قومي سوال، تاريخي فرض ۽ ذميواري آهي، هن وقت قومي تحريڪ قيادت ۽ قومي ڪارڪنن پاران سنڌوديش جي آزاديء واري قومي جدوجهد کي گهڻ طرفو ۽ گهڻ رخو منظم متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان سنڌي ڏاهپ طاقت حڪمت ۽ دانشمنديء سان پنهنجي تاريخي وطن کي قومي غلاميء مان آزاد ڪرائي سگهون ٿا، اهو ممڪن آهي ۽ اسان اهو ضرور ڪري ڏيکاريندا سين ڇاڪاڻ ته مان هن وقت باشعور سنڌين ۽ قومي ڪارڪنن کي انتهائي پر عزم ۽ با حوصله ڏسي ۽ محسوس ڪري رهيو آهيان، ان سلسلي ۾ مان قومي تحريڪ جي سمورن سينيئر قومي ڪارڪنن دانشورن اديبن کي اها گذارش پڻ ڪندس ته هو جتي به آهن اتي يا سوشل ميڊيا تي قومي تحريڪ کي پارلياماني موقعي پرستيء ۽ سياسي ٿڪاوٽ وارن روين کان بچائڻ لاء سياسي ۽ فڪري محاذن تي ڪم ڪن ۽ قومي تحريڪ جي اتحاد ۽ آزاديء جي هڪ نقطي تي گڏيل جدوجهد لاء ڪوشش ڪن جيئن سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڇڙوڇڙ،منتشر ۽ ڪمزور ٿيڻ کان محفوظ ڪري ۽ بچائي سگهجي، رياست هن وقت سنڌوديش جي نقطه نظر خلاف حملاآور آهي ان ڪري سنڌ جي قومي دانشورن ۽ سينيئر قومي ڪارڪنن جو فرض آهي ته اهي قومي تحريڪ جا نظرياتي محافظ بنجي سنڌوديش جي آزاديء جي قومي ۽ تاريخي فڪر جو دفاع ڪن

معزز سنڌيو، قومي ڪارڪنون!

ياد رکو ته قومي بقا،  وطني وحدت جي سلامتيء ۽ قومي تڪميل نو سميت تاريخي ارتقا جي گهبربل ضرورت جي پورو ڪرڻ ۽ سنڌوديش وطن جي قومي بحآليء ۽ آزاد ملڪ جي حيثيت کان سواء اسان سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي وحدت کي هن رياست پاڪستان ۾ بچائي ۽ سلامت رکي نه سگهندا سين، ان ڪري سموري باشعور سنڌ کي پنجابي سامراج جي قبضي ۽ غلاميء مان سنڌوديش جي آزاديء کي ڪنهن به صورت ۾ حاصل ڪرڻو پوندو،صرف  قومي آزاديء جي صورت ۾ ئي سنڌ جو وجود سلامت رهي سگهندو ۽ اسان پنهنجي ايندڙ نسلن پيڙهين کي آزادي خوشحالي بقا ڏيئي سگهندا سين، سنڌوديش وطن هن دنيا ۾ هڪ باوقار ملڪ جي حيثيت ۾ اقوام متحده جي ملڪن ۾ عزت ۽ شان سان ڳڻيو ويندو، اسان سنڌين جي سڃاڻپ سنڌ وطن آهي ان ڪري آزاديء جو دڳ ۽ رستو ئي سنڌي قوم جي بقا ۽ سلامتيء جو واحد تاريخي ۽ حقيقي دڳ آهي، ان کان سواء سنڌ گمراهيء ۽ تباهيء جو شڪار ٿي ويندي، غير فطري رياست پاڪستان ۾ سنڌ جو وطني تشخص، وحدت ۽ سنڌي قوم جو وجود ميسارجي ويندو، اسان قومي آزاديء جي جدوجهد ۾ جيتري دير ڪندا سين، جيتري سستي ۽ لاتعلقي اختيار ڪندا سين سنڌ جو وجود اوتروئي تيزيء سان فنا طرف وڌندو ويندو، ياد رکو ته قومي آزادي سموري قوم جي گڏيل ۽ مشترڪه ذميواري ۽ تاريخي قومي فرض آهي، ان لاء اسان سمورن سنڌين کي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين مائن ڀينرن ڀائرن نوجوانن کي تاريخي جي ان قومي فرض ۽ ذميواري جي پوراء جو سڏ ڏيندي کين آگاهه ٿا ڪريون ته اچو ته ان تاريخي قومي  فرض ۽ ذميواريء کي گڏجي پورو ڪريون، ڇاڪاڻ ته اسان سڀني کي هڪ با شعور با وقار فرض شناس قوم جي حيثيت ۾ گڏجي مادري وطن سنڌوديش جي آزاديء لاء سياسي جدوجهد قومي مزاحمت جو فرض پورو ڪرڻو پوندو، قومي تحريڪ کي عالمي محاذ تي پڻ پنهنجي اتحادين کو ڳولي سنڌوديش جي آزاديء لاء عالمي حمايت ۽ ساٿ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سلسلي ۾ جسمم پنهنجو ڪردار ادار ڪري رهي آهي، ان کان سواء هندستان جي سنڌين ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين کي قومي آزاديء واري هڪ نقطي تي گڏ ٿيڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي، سنڌي قوم کي سنڌ جي سياسي تاريخي قومي ۽ معاشي مفادن جي تحفظ ۽ آزاديء  لاء هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ منظم متحد ۽ متحرڪ ٿيڻو پوندو، هاڻ رياست جي خوف لالچ کي شڪست ڏيئي سياسي عمل ۾ سموري سنڌ ۽ سنڌي قوم کي هڪ باوقار قوم بنجي قومي تحريڪ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻون پوندو، پنهنجن روين مان سستي، لاتعقي، ڪاهلي ختم ڪندي قومي پر عزم سياسي جدوجهد ۽ قومي مزاحمت لاء اڳي کان اڳرو ٿي ڪردار ادا ڪرڻ قدم اڳتي وڌائڻا پوندا هاڻ سنڌ کي ٽولڙيون ٽولڙيون ٺاهي ڪمزور ڪرڻ بجاء  قومي تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن اڳواڻن کي سنجيدگيء سان هڪ ٿيڻ طرف سوچڻو پوندو، هن وقت رياست جو حملو سنڌ جي قومي وجود وحدت وطني تشخص ڊيموگرافيء ۽ سنڌوديش جي نظرئي مٿان شديد ٿي چڪو آهي، ان ڪري سموري قومي تحريڪ باشعور سنڌين ۽ قومي ڪارڪنن کي گڏجي سنڌوديش وطن جي آزاديء لاء سگهارو سياسي  عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن وقت سنڌ کي متحد ٿي پر عزم سياسي جدوجهد ۽ قومي مزاحمت ذريعي ئي آزادي ڪري ۽ بڇائي سگهجي ٿو جنهن لاء  قومي فڪر، قومي پارٽي، قومي قيادت ۽ سگهاري قومي جدوجهد،عالمي سفارتڪاري بنيادي شرط آهن.

 مهرباني توهان جو پنهنجو

شفيع برفت

چيئرمين

جيئي سنڌ متحده محاذ

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *