سنڌ ۾ فوج جي ڪاروباري ۽ سمورين ڪمرشل سرگرمين ۽ سيڙپ کي روڪڻ جي ضرورت آهي، فوج سنڌ جي وجود کي پلاٽ سمجهي وڪڻي رهي آهي. شفيع برفت

فوج جي سنڌ ۾ سمورين ڪاروباري ۽ ڪمرشل سرگرمين ۽ سيڙپ کي روڪڻ جي ضرورت آهي، فوج سنڌ کي پلاٽ سمجهي سنڌ جي زمينن تي قبضه ڪري سنڌ جي انچ انچ کي وڪڻي رهي آهي، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن، زرعي زمينن، شهري پلاٽن، پيٽرول پمپن، ٽرانسپورٽ، ڪاروبار ڪنسٽرڪشن ادارن وڏين وڏين رهائشي اڏاوتن سميت سنڌ جي هر ضلعي تعلقي ۾ ڇانوڻين ڪينٽومينٽس جي ذريعي فوج سنڌ جي وجود کي يرغمال بنائي ڇڏيو آهي، ڪراچيء جي سمورين فيڪٽرين ڪارخانن ملن ۾ فوج جي آفيسرن کي نگران مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌي ماڻهن کي ڪراچيء جي ڪارخانن ۾ مزدوري ڪرڻ جي سري عام رستا روڪ ڪري رهيا آهن، فوج ڪراچيء جي ڪارخانن کي سنڌي قوم لاء نوهو ايريا بنائي ڇڏيو آهي جتي فوج سنڌي مزدورن خلاف بدماشي ڪري رهي آهي، ان ڪري فوج ۽ ان جي ذيلي ادارن پاران سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمرشل اڏاوتن ڪاروبار کي سنڌ مٿان ناجائز ۽ جبري قبضو سمنجهندي سمورن باشعور سنڌين، سياسي ڪارڪنن کي انهن خلاف سوشل ميڊيا ذريعي ڀرپور سياسي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ فوج جي سنڌ مٿان ناجائز جبري قبضي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪري دنيا کي پڻ آگاهه ڪيو وڃي ته سنڌ پاڪستان ۾ بدترين غلاميء ذلت سياسي جبر معاشي ڦرلٽ جو شڪار آهي ۽ فوج سنڌ کي پلاٽ سمجهي انچن، ڦٽن، ايڪڙن جي حساب سان وڪڻي رهي آهي، ان لاء ضروري آهي ته باشعور سنڌي سوشل ميڊيا ذريعي فوج ۽ ان جي سمورن ذيلي ادارن ڪاروباري، ڪنسٽرڪشن ڪمپنين، ايف، ڊبليو، او، شهري ڇاونڻين، ڪينٽومينٽس، زرعي زمينن شهرن ۾ پلاٽن تي ڪيل قبضن ۽ ٽرانسپورت جي ذيلي ادارن تي باشعورسنڌي قوم سخت نظر رکي ۽ سوشل ميڊيا تي فوج پاران سنڌ تي انهن قبضن خلاف مخالفت ۽ نفرت جو اظهار ڪرڻ لاء جسمم پاران فوج خلاف شروع ڪيل مهم جو باشعور سنڌي قوم ۽ قومي ڪارڪن ساٿ ڏين جيئن اڳتي هلي انهن قبضن خلاف سنڌ ۾ سياسي احتجاجن کي منظم ڪندي دنيا تائين سنڌ جي صورتحال ۽ قومي آزاديء جي جائز گهر کي پهچائي سگهجي ياد رکو ته سنڌ کي غلام رکڻ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني ساست ڪندڙ سموريون ڌريون ملوث آهن، پاڪستان ۾ سنڌ جو وجود خطري ۾ آهن ڌاري آباديء ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ پيپلز پارٽي پنجاب جي سياسي دلال جو ڪردار ادا ڪري ٿي جڏنهن ته پارلياماني ساست ۽ رياست جا حامي سمورا ڪردار سنڌ کي غلام رکڻ جا حامي آهن جن کي پنجاب ۽ فوج جي بي ٽيم سمجهيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جا ڀوتار وڏيرا پيپلز پارٽيء جي شڪل ۾ ان کان سواء مذهبي ڌريون، نسل پرسٽ گروهه ۽ پارلياماني سياست جا حامي فرقي پرست قومپرست سڀ سنڌ کي پنجاب وٽ يرغمال رکڻ ۾ پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر لڳا پيا آهن جن کان سنڌي قوم کي خبردار رهڻ جي ضرورت آهي.
اسان جي مئا سين سفر ۾ او ساٿي ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي!

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *