سنڌ انساني ماڻهپي رواداريء جي ماء ڌرتي آهي، سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ مذهبي جنونيت جهالت ۽ تنگ نظريء جي اوڙهاهه ۾ ڍڪڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏبي.
شفيع برفت
سنڌ نه افغانستان آهي نه ئي سنڌ ڪو مدرسو آهي جنهن کي ڪنهن تنگ نظر، انتها پسند مولويء جي من منشا ۽ خواهشن تحت هلايو وڃي، سنڌي سماج هزارين سالن کان انساني رواداريء ماڻهپي سهپ برداشت وارين قومي روايتن تي هلندڙ هڪ باشعور سلجهيل انساني رواداريء ۽ ڀائيچاري ۾ ويساهه رکندڙ قومي معاشرو رهيو آهي جتي سنڌي هندن، مسلمانن سميت سمورن مذهبن جي مڃيندڙن هزارين سالن تائين سنڌ وطن جي فرزند ۽ حلالي پٽن ۽ ڌيئرن جي صورت ۾ هڪ ماء جي اولاد جي حيثيت ۾ گڏ رهندا آيا آهن، سنڌ اها سرزمين آهي جنهن ۾ مذهب هر انسان جو زاتي معاملو پئي رهيو آهي، هر انسان جو پنهنجي معبود خدا، الله، ايشور ۽ ڀڳوان سان سڌو رشتو ۽ تعلق رهيو آهي خدا ۽ انسان جي وچ تي ڪنهن به ملي مولويء کي سنڌي سماج ۾ ڪنهن رشوت خورڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪڏنهن به قبول ناهي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته هر دور ۾ مذهبي مولوين ۽ ملن ڳاڙهي ٻوڙ جي آسري تي سدائين حڪمرانن جي چاپلوسي ڪندي درباري دلاليء وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن وقت حسين جي ٻچن کي ڪٺو پئي ويو ان وقت به ملا يذيد جي دربار ۾ يذيد جي چاپلوسيء جي حضوريء ۽ ثناخوانيء ۾ مصروف هئا، اهي ملا ئي هئا جن سنڌ جي ٻن عظيم شهيدن، شهيد شاهه عنايت ۽ شهيد مخدوم بلاول کي وقت جي حڪمرانن جي دلالي ڪندي شهيد ڪرايو هئو، اهو ئي سبب آهي جو شاه لطيف ملن جي اهڙي ڪڌي ڪردار جي ڪري کين لعنتي ڪري ڪوٺيو آهي ( ملان مرئي ماء پتو ڦسئي پيٽ ۾) ان ڪري سنڌ جي باشعور ماڻهن ۽ نوجوانن کي سمجهڻ گهرجي ته هن وقت رياست سنڌ کي ٻه قومي نظرئي (مذهب) جي نالي ۾ غلام ڪيو آهي ۽ مولوي ان ٻه قومي مذهبي نظرئي جا به حامي آهن جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ کي غلام ڪندڙ نظرئي جا حامي آهن، اسان اهو پڻ واضع ٿا ڪريون ته اڄ جي ايڪيهين صديء جي انسانن کي مذهبن جي نالي ۾ قيد ۽ غلام رکڻ واري هر بدعت کي اسان کي رد ڪرڻو پوندو، اسان ڪنهن به مذهب يا مسلڪ جا اجايو مخالف ناهيون، پر مذهبن جي استعمال سان دنيا جي قومن، ملڪن، جديد انساني معاشرن، عقل، شعور،ڏاهپ، ذهنن ۽ فلسفن جو گهيرو ڪرڻ ۽ انهن کي قيد ۽ غلام رکڻ واري ڪنهن به حرفت کي اڄ جو انسان قبول نه ڪندو، هر ماڻهون مسجدن، مندرن ۽ لائبريرين ۾ وڃڻ لاء آزاد آهي اها سندن مرضي آهي ته اهي مذهبي عبادتگاهن جي چونڊ ٿا ڪن يا يا لائبريرين يونيورسٽين ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ وڃڻ کي ترجيح ٿا ڏين پر اسان مذهبن کي قومي معاشرن ۽ انساني سماجن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ جديد انساني ذهنن کي غير سائنسي عقيدن الهامي بدعتن ۾ ڦاسائڻ ۽ قيد ڪرڻ کي انسان ذات ۽ انسانيت جي خلاف هڪ وڏو ڏوهه ۽ گناهه سمجهونٿا اهڙي قسم جي ڪنهن جي به خواهش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، ٻاهتر حورن جي لالچ ۾ هن دنيا کي مذهبي جنونيت، جهالت ۽ جهادي دهشتگرديء جي دوزخ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏيئي سگهجي، ان ڪري باشعور سنڌي قوم ۽ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن، دانشورن، اديبن، استادن وڪيلن شاعرن ۽ قلم ڌڻين کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اسان ڪنهن به مذهب جي خلاف ناهيون پر اسان مذهب جي ناجائز استعمال جهالت، جنونيت، تنگ نظريء جا سخت ۽ سڀ کان وڏا مخالف آهيون، اها تعليم اسان کي سنڌ جي قومي روايت، تاريخ مان ملي آهي، اها تعليم اسان کي شاه لطيت، سچل سائين، سامي، سائين جي ايم سيد، هشو ڪيول راماڻي، ڪلياڻ آڏواڻيء، سوڀو گيانچنداڻِء، شاه عنايت، مخدوم بلاول جي تعليمات مان حاصل ٿي آهي، ان ڪري اسان پنهنجي قومي ۽ تاريخي ورايتن جي هر صورت ۾ پاسداري ڪندا سين، اسان سنڌ کي ملي عمر وارو افغانستان يا ڪنهن جاهل ملي جو مدرسو ٿيڻ نه ڏيندا سين، جنهن جي هجري جي ڪنڊ ۾ ويهي هو هو سنڌ جي معصوم ذهنن، مستقبل، عقل، فهم، ادراڪ، ڏاهپ، شعور سان بدفعلي ۽ زناهه ڪري.