#SINDHUDESH_DAY

 31مارچ

يوم سنڌوديش

سنڌي قوم پاران تجديد عهد وفا جو ڏهاڙو

باشعور سنڌيو ۳۱ مارچ يوم سنڌوديش آهي، ان ڏينهن جي شروعات سنڌ جي گهر گهر، هر پاڙي، شهر ۽ ڳوٺ ۾ سنڌوديش جي قومي تراني سان ڪئي وڃي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وستيء شهرن، جوٺن، پاڙن ۾ وڻن ۽ پولن تي سنڌوديش جا ڳاڙاجهنڊا ڦرڪائي هر باشعور سنڌيء کي سنڌوديش جي آزاديء سان تجديد عهد وفا جي وچڻ، عزم، حوصلي، جرعت ۽ سخن کي دهرائڻو آهي، جيئن پوري دنيا تائين اهو پيغام پهچائي سگهجي ته سنڌي هڪ باشعور، باضمير ۽ باصلاحيت زندهه قوم آهي، جيڪا پنهنجي مادري وطن سنڌوديش جي آزادي چاهي ٿي، سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، آزادي سنڌي قوم جو فطري حق آهي ۽ سنڌ کي پنجابي سامراج جي جبري قبضي، استحصال، بدترين غلاميء ۽ ذلت مان هر صورت ۾ آزاد ڪرائڻ سنڌ قوم جو هاڻ گڏيل ۽ مشترڪه مقصد، منشور ۽ مشن آهي

ان سلسلي ۾ ۳۱ مارچ تي ٽويٽر ٽرينڊ هلايو ويندو جنهن ۾ سنڌ ۽ هند سميت سموري دنيا رهندڙ سنڌين کي ڀرپور حصو وٺي دنيا تائين پنهنجي قومي آواز ۽ مقصد کي پهچائڻ۾  پنهنجو تاريخي ۽ قومي فرض ادا ڪرڻو آهي.

شفيع برفت

چيئرمين

جيئي سنڌ متحده محاذ

#SINDHUDESH_DAY

Leave a Comment