“پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي ٻئي نه کپن” سنڌ ۾ سياسي تحريڪ هلائي ويندي.

سائين جي ايم سيد سچ چوندو هئو ته پيپلز پارٽي ڪفن چورن جي پارٽي آهي، تاريخ سيد جي ڳالهين کي اڄ سچو ثابت ڪيو آهي، سنڌ جا ڪروڙين ماڻهون برساتن ۽ ٻوڏ جي تباه ڪارين سبب زنده لاش بنجي چڪا آهن پر پيپلز پارٽي جا ڀوتار، وڏيرا، واٺا ۽ جيالا زنده لاش بنيل سنڌين جي امداد جي نالي ۾ پنهنجا پيٽ ڀرڻ جي اٽڪلن ۾ مصروف آهن، بلاول خارجه وزير آهي پر سنڌ جي مدد ڪرڻ لاء عالمي دنيا ۽ اقوام متحده کي اپيل نٿو ڪري، زرداري مرڻ گهڙيء تي پهتو آهي پر ان کي ٻڏن سنڌ جون داهون ڪوڪون سڏڪا ۽ پڪارون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن ۽ هو اقتدار جي جوڙ توڙ ۾ غرق آهي، پيپلز پارٽي سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جا وسيلا پنجاب کي وڪڻي پيپلز پارٽي پنهنجي لاء صرف ڪرسيء جي گهر ڪندي آهي، تاريخ ۾ ايڏي وڏي غداري ڪنهن به قوم سان ڪنهن نه ڪئي هوندي جيڪا غداري پيپلز پارٽي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود خلاف ڪندي رهي ٿي، پاڪستان ۾ سنڌ جي غلاميء جي هيء صورتحال آهي جيڪا اڄ هر هڪ سنڌي ڀوڳي رهيو آهي ۲۰۱۰ جي تباهين ۽ بربادين ۾ اڃا سنڌي قوم لوڙي رهي هئي ته مٿان هن ٻوڏ سنڌ جو الهه تلهه تباه ڪري ڇڏيو آهي، رياست ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي غلاميء تباهيء ۽ برباديء جا ذميوار آهن جسمم واضع ٿي ڪري ته اگر ۲۰۱۰ ۽ هن ٻوڏ جي تباه ٿيل سنڌي قوم جي هر هڪ خاندان کي معاشي بحاليء لاء في خاندان هڪ ڪروڙ روپيا نه ڏنا ويا ته سنڌ ۾ “پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي نه کپي” تحريڪ هلائي ويندي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موجوده تباهيء مان قوم کي ٻآهر ڪڍڻ لاء باشعور سنڌي ڀرپور مدد ڪن ۽ سرنديء وارا پنهنجو قومي فرض نڀائين ۽ قومي ڪارڪن ڏينهن رات پنهنجي مارو ماڻهن جي هن مصيبن مان ٻاهر ڪڍڻ لاء پنهنجي وس کان به مٿي ٿي مدد ڪن ۽ قومي جوهن مصيبن جي وقت ۾ ڀرپور ساٿ ڏين، جيئن ٻوڏ جي تباهيء کان پوء بک بيمارين ۽ صدمن ۾ سنڌي قوم کي موت جي راڪاس کان بچايئي سگهجي، هاڻ سنڌي قوم کي پنهنجون اکيون کولي اهو ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته هيء تباهي سنڌ جي غلاميء جو نتيجو آهي جيئن بنگالي قوم پاڪستان جي غلاميء ۾ هر سال ٻڏندي هئي، ائين ئي هاڻ سنڌ ٻڏندي رهي ٿي سنڌ جنهن مان پاڪستان جي بجيٽ جي نالي ۾ ۷۳ فيصد حصو زوريء مال غنيمت سمجهي پنجاب پاران ڦريو لٽيو ٿو وڃي اها کربن جي مالڪ سنڌ ڪچن گهرن سبب تباه ٿي ويئي آهي جيڪا تباهي ۽ بربادي هن وقت سوشل ميڊيا ذريعي پوري دنيا ڏسي رهي آهي ۽ حيران آهي، هيء رياست سنڏ دشمنيء ۽ پيپلز پارٽيء جي نااهليء مجرماڻي غفلط ۽ ڏوهن جو نتيجو آهي ڇاڪاڻ ته خدا جي سنڌي قوم سان ڪابه زاتي دشمني ناهي، سنڌي قوم ۽ خدا ٻئي ٻاجهارا آهن ان ڪري خدا سنڌي کي ناهي ٻوڙيو اها ڳالهه عقل ۽ فهم جي خلاف آهي جيڪا صرف رياست جي دلالن جي پروپيگنڊا آهي جيئن سنڌي قوم جي ڪاوڙ ڪروڌ کي بغاوٽ جي باهه ٿيڻ کان روڪي سگهجي ۽ سنڌي کي انقلاب ۽ مزاحمت جي دڳ طرف وڌڻ کان گمراهه ڪري سگهجي، حڪمران اهو ڪوڙ ٿا ڳالهائين ته ته هيء تباهي ماڻهن جي گناهن جي کين سزا آهي پر حقيقت اها آهي ته هيء حڪمرانن پيپلز پارٽيء جي ڪرپٽ جاگيردارن ۽ پاڪستان جي گناهن جو ڪيتو آهي جيڪو سنڌ غلاميء جي ڪري لوڙي پئي هڪ ڀيرو سنڌي قوم هن تباهين مان ڪٿي ٿانيڪي ٿئي سنڌي قوم جي تاريخي قومي مفادن جي ترجماني ڪندي جسمم پاران سموري سنڌ ۾ غلاميء خلاف ۽ غدار ڀوتارن جي پارٽي پيپلز پارٽيء خلاف ” پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي نه کپن” سياسي تحريڪ هلائيندا سين، جنهن ۾ سموري قوم ۽ خاص ڪري ٻوڏ جي تباهين جو شڪار سنڌي ماڻهن جو آواز بنجي دنيا کي آگاهه ڪبو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ هٿ سان تباه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، سنڌي قوم کي پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي ٻئي نه کپن، سنڌ کي بنگلاديش وانگر آزادي گهرجي سياسي اختيار ۽ معاشي وسيلن جي مالڪي گهرجي، وطن جي سرحدن جي آزادي گهرجي، جيئن اڳتي سنڌي قوم ڪنهن به قدرتي آفت ٻوڏ، برساتن سبب ٻڏي نه ۽ نه ئي بک بدحاليء جو شڪار ٿئي.
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ

Leave a Comment