قومي غلاميء رياستي ڏاڍ، جبر ، سازشن خلاف رڪ جي ديوار بنجي بيهندا سين،

 پرعزم سياسي جدوجهد ۽ سگهاري قومي مزاحمت قومي بقا جي واحد ضمانت آهي

جسمم پاران سنڌ جي سمورين لساني نسلي  گروهن  کي  قومي تشڪيل نو ذريعي سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم  جو  حصو بنائڻ لاء سنڌ نيشنل ري ڪنسيليئيشن ڊائلاگ لاء سيمينار ڪوٺائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.

جيئي سنڌ تحده محاذ جي سينٽرل ڪميٽيء جو اجلاس پارٽي چيئرمين شفيع برفت جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.

 اجلاس ۾ پارٽي جي مختلف اڳواڻن پاران سياسي تنظيمي صورتحال سميت تازو رياستي سازشن تحت بنياد پرست گروهن پاران شهيد ڪيل شاهنواز ڪنڀار جي خون ناحق، سنڌو درياه مان  پنجاب پاران ۶ ڪينالن ڪڍڻ واري سازش، سنڌ جي معدني وسيلن تي پنجاب جي قبضي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن تي فوجي والار وارين سازشن،  سنڌي ٻوليء جي تاريخي حيثيت جي خاتمي، سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين ڪينٽونمينٽس ، ڊي ايڇ اي ۽ بحريه ٽائون ذريٿي سنڌ ۾ ڌارين آباديء  سنڌ ۾ منتقل ڪرڻ لاء  شهري اڏاوتن وارن منصوبن سامونڊي پٽيء ۽ سنڌ جي جابلو پٽيء تي فوجي قبضي ، والار ۽ يلغار  سميت سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن مڪارين کي  سنڌ جي قومي غلاميء جو نتيجو قرار ڏنو ويو، شهيد شاهنواز ڪنڀار سميت ڪجهه عرصي کان سنڌ جي باشعور صحافين استادن جنهن منظم سازش تحت شهيد ڪيو ويو آهي اها  سنڌ  ۽ سنڌي سماج تاريخي روح  خلاف رياست جي سازش ۽ مڪاري  ۽ دشمني آهي  انهن سنڌ دشمن رياستي سازشن جي پويان، بنياد پرست دقيانوسيت، فرسودا جاگيرداريء ۽ متعصب نسل پرستيء رياست جي هٿڪنڊي ۽ نفسياتي هٿيار طور استعمال ٿين ٿيون  جن جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وڃي ٿي اجلاس ۾  ڪيل سياسي جائزي جي روشنيء ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا انهن جي پڌرائي  ڪندي چيو ويو ته.غير فطري رياست تاريخي قومن جي غلاميء جو بدترين قيد خانو آهي ۽ قومي وجود لاء زهر قاتل آهي، پاڪستاني رياست حقيقت ۾ پنجابي سلطنت آهي جنهن ۾   سياسي حوالي سان پنجابي عددي اڪثريت ۽ پنجابي فوجي  بندوق جي زور تي تاريخي قومن مٿان پنجابي استعماريت ۽ سامراجيت کي تاريخي  قومن مٿان مثلت ڪندي  قومن کي غلام بنائي مٿن سياسي جبر لاڳو ڪندي سندن معاشي استحصال ڪيو ٿو وڃي، رياست قومن کي  غلام بنائڻ لاء فرسوده  ۽ دقيانوس مذهبي بنياد پرستي، انتها پسندي، متعصب نسل پرستيء ۽  غدار  جاگيردار طبقي کي نفسياتي هٿڪنڊي ۽ هٿيار جي صورت ۾ استعمال ڪري ڪري آهي، جيئن بنگال جي قومي آزاديء جي جدوجهد دوران اتي نسلي گروهن ۽ جماعت اسلاميء جهڙين بنياد پرست دهشتگرد  مذهبي دقيانوس تنظيمن کي استعمال ڪيو ويو هئو،  ساڳي طرح هاڻ سنڌ  ۾ پڻ رياست سنڌ جي تاريخي وطني ۽ قومي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاء  سنڌ جي تاريخي قومي مزاج، انسان دوست روين، رواداريء ب،رداشت، ماڻهپي وارين قومي روايتن، صوفي مزاج کي ختم ڪرڻ ۽ رياستي دقيانوسي نيريٽو ۽ سامراجي موقف کي لاڳو ڪرڻ لاء سنڌ  ۾ بنياد پرستيء، نسل پرستي ۽ جاگيردار طبقي کي استعمال ڪري رهي آهي جيئن سنڌي قوم کي غلام بنائڻ سان گڏ سنڏ جي تاريخي روح کي ڇيهو رسائي سگهجي، ان ڪري جسمم سموري سنڌي قوم . سنڌ جي دانشورن، عورت، هارين، پورهيتن، شاگردن، استادن، وڪيلن، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌ واسين اڳيان  پنهنجي قومي عزم کي دهرائيندي واضع ۽ چٽو موقف پيش  ڪندي اعلان ٿي ڪري  ته اسان  سنڌ ۾  رياست ۽ ايجنسين جي سرپرستيء ۾ حافظ سعيد جهڙي عالمي دهشتگردن ۽ ٻين ڌارين ملن هٿان مدرسن جا ڄار وڇائيندي سنڌ ۾ دقيانوسيت، بنياد پرستي ۽ انتها پنسديء  جي ڦهلاء جي مڪمل رستا روڪ ڪندا سين ۽ سنڌ وطن، سنڌي سماج ۽ قومي معاشري کي ڪنهن به صورت ۾ ڀٿر جي دور ۾ ڌڪيندڙ انتها پسند قوتن حوالي  ٿيڻ نه ڏيندا سين، جيڪا سازش رياست ۽ آء ايس آء جي سرپرستيء شروع ڪئي ويئي آهي جنهن جو مقصد سنڌ کي غير فطري رياست پاڪستان  ۾ غلام بنائي سنڌي سماج کي منتشر ڪمزور، جاهل، نااهل ۽ انتها پسند بنائڻ آهي.  جسمم سمجهي ٿي ته مذهب هر هڪ انسان جو زاتي معاملو آهي سنڌ هزارن سالن کان تهذيبن، مذهبن، ڪلچر ۽ ٻولين جي ماءُ ڌرتي رهي آهي، سنڌ هزارن سالن کان هڪ آزاد ملڪ، قومي سماج ۽ معاشرو رهي آهي، جنهن کي ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ ڌوڪي ۽ فريب ذريعي غلام بنايو هئو  ۽ اها غلامي ۱۹۴۷ع ۾ انگريزن پنجابي سامراج طرف منتقل ڪئي آهي، جنهن خلاف سنڌ اڄ  به پنهنجي ان تاريخي قومي بحاليء آزاديء ۽ سنڌوديش وطن لاء فڪري سائين جي ايم سيد جي روشنيء ۾  پرعزم  سياسي جدوجهد ۽ قومي مزاحمت ڪري رهي آهي، ان ڪري پنجاب سنڌ ۾ پنهنجي رياستي  جبر سان گڏ  هڪ نئين سازشي حڪمت عملي ۽ مڪاريء تحت بنياد پرستيء نسل پرستيء ۽ جاگيردار طبقن کي سنڌي سماج کي گمراهه ڪرڻ، منتشر ۽ ڪمزور ڪرڻ لاء استعمال ڪري رهيو آهي جيئن سنڌ پنهنجي تاريخي قومي بحاليء سياسي اختيارن، معاشي وسيلن، درياهه، سمنڊ، معدنيات، زمينن ٻوليء، تاريخ ،ڪچر جي، قومي بقا، وطني تشخص ۽ سلامتيء واري جدوجهد ڪرڻ بجاء گهرو ويڙهه،نسلي پڪتاڻ، لساني تقسيم، مذهبي انتشار، بنياد پرستيء ۽ جاگيردارن جي سازشن ۾ الجهيل ۽ وچڙيل رهي، ان ڪري اسان هڪ طرف سنڌ جي سمورن سنڌ دوست سنڌي عالمن  جيڪي مولانا عبيدالله سنڌيء، مولانا عزيز الله ٻوهيو مولانا خالد محمود سومرو، مولانا کڏي وارو جيئن سنڌ وطن  ۽ سنڌي قوم جي جداگانا قوم هجڻ ۽ سنڌ وطن جي آزاديء کي برحق سمجهندڙن جي تعليم  سوچ  ۽ خيالن کي مڃيندڙ آهن   انهن سمورن  ديندار سنڌ دوست ماڻهن کي  اهو پيغام ٿا ڏيون  ته سنڌ جي قومي تحريڪ ڪنهن به مذهب مسلڪ فرقي ۽ عقيدي جي خلاف ناهي، پر اسان سمجهون ٿا ته غير فطري رياست  جنهن طريقي سان مذهب

کي استعمال ڪندي تاريخي قومن کي غلام بنائي رهي آهي  اسان هن فاشسٽ ۽ مڪار رياست پاران مذهب جي  ان غلط استعمال جا مخالف آهيون ٻيو انهن جاهل جنوني مولوين جا مخالف آهيون جيڪي مسجدن، مدرسن ۽ هجرن ۾ معصوم ٻارن سان بدفعليون ۽ زناهون ڪري رهيا آهن جن جون سوين وڊيو ڪلپون ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي پيل آهن، اسان سمجهون ٿا ته  دنيا جا سمورامسلمان صرف مذهب جي ڪري ڪاهڪ قوم ناهن هوندا  پر اهي امت آهن ۽  ڪنهن به مذهب جي امت ۾ مختلف قومون اچي ٿيون وڃن، مثلن اسان سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون، ايراني، افغاني، انڊونيشي، عرب جيڪي مسلمان آهن اهي اسلام ۽ مذهب جي آڌار تي هڪ قوم هر گز ناهيون پر ان جي ابتڙ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي مسلمان هجن، هندو هجن، يا ٻئي ڪنهن به مذهب ۽ مسلڪ جا هجن اهي سڀ هڪ سنڌي قوم آهن ڇاڪاڻ ته قومون وطن جي آڌار تي فطرت پاران وجود ۾ اينديون آهن مذهب عقيدن ۽ نظرين، خواهشن جي ڪري قومون ناهن ٺهنديون، اگر ڪو صرف مذهب جي آڌار تي مزتلف قومن کي هڪ قوم ٿو چوي يا سمجهي ته  پڪ سمجهو  اهو نه صرف پنهنجو پاڻ سان ڌوڪو ٿو ڏئي  پر  ٻين کي به گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري  ان ڪري ج۰نهن هيء رياست قومن ۽ سادن ماڻهن  کي مذهب جي پنياد تي جزباتي ڪندي هڪ قوم قرار ڏئي ٿو ان وقت رياست جو دراصل مخفي مقصد ۽ سازش اها هجي ٿي ته سمورين قومن مٿان پنجاب جي عددي اڪثريت ۽ فورجي بالادستيء ذريعي قومن  کي غلام بنائي  انهن جو استحصال ڪرڻ آهي جنهن جو صاف مطلب آهي ته  رياست مذهب جون جون غلظ تشريحون ۽ تاويلون ڪندي  تاريخي قومن  کي غلام بنائڻ لاء ان جو  غلط استعمال ڪري ٿي،  جيڪڏنهن مذهب جي آڌار تي اسين هڪ قوم هجون ها ته پوء پنجابي فوج پاران ۱۹۷۱ع ۾ ۳۰ لک بنگالي مسلمانن جو قتل عام ڇو ڪيو ويو يا اڄ به بلوچ قوم جي نسل ڪشي ۽ قتل عالم ڇو پيو ڪيو وڃي صرف ان ڪري ته پنجابي سامراج مذهب جي نالي ۾ اسان جي ماڻهن کي جزباتي ڪندي گمراهه ڪري رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جي سمورن سنڌ دوست عالمن کي اسان اپيل ٿا ڪريون ساڳي وقت سنڌ ۾ رهندڙ مختلف لساني، نسلي گروهن کي پڻ ته  سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي، سنڌي هڪ آزاد قوم رهيا آهن، جيڪي انساني پائيچاري، رواداريء ۽ ماڻهپي ۾ ويساهه رکندڙ آهن، ان ڪري اچو ته اسان سڀ سنڌ وطن جي سياسي معاشي مفادن جي مالڪي ڪريون، سنڌ وطن جي آزادي قومي ۽ تاريخي حيثيت جي بحاليء لاء پنهنجي مذهبي عقيدن، مسلڪن، لساني ۽ نسلي سوچ ۽ تنگ نظريء کان مٿاهان ۽ بالاتر ٿي هڪ وطني قوم بنجي پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪريون،  جسمم ان سلسلي ۾ سنڌ جي گاديء جي شهر ڪراچيء ۾ رهندڙ سمورين لساني، نسلي برادرين پوء اهي گهرن ۾  ڪهڙي به ٻولي ڳالهائين ٿيون انهن جو نسلي يا لساني پسمنظر ڪهڙو به هجي  اهي  اردو، پنجابي، پشتو، بهاري، بنگالي، افغاني، ڪڇي، ميمڻ،لاسين ۽ لياري ۾ بلوچي ڳالهائيندڙ نسميت ڪراچيء جي سمورينڪميونٽين سان هڪ قومي ڊائلاگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ نيشنل ريڪنسيليئيشن ڊائلاگ ذريعي سمورين برادرين کي سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جو حصو ٿيڻ لاء ڳالهايو ويندو، جيڪي پنهنجي گهرو ٻوليء سان گڏ لازم سنڌي ٻولي پڻ سکندا ۽ پنهنجي ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ سان گڏ پاڻ سنڌ جي سياسي، معاشي، وطني مفادن ۽ قومي تاريخي بحاليء واري آزاديء جي قومي تحريڪ ۾ پڻ سياسي ڪردار ادا ڪندا ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڌي سماج ،قوم ۽ وطن جو حصو ۽ جز سمجهندا، اسان انهن سمورين برادرين کي سنڌي سماج جي وسيع قومي  ۽ تاريخي مفادن جي مدنظر پنهنجي سياسي جهوليء کي وسيع ڪندي کين آڇ ٿا ڪريون ته توهان جا اهي  نسل جيڪي سنڌ  ۾  پيدا ٿيا آهن انهن کي هاڻ سنڌي سماج قوم ۽ وطن جو جز ٿيڻ گهرجي، جيڪي  اڳيئي سياسي، معاشي ۽ وطني لحاظ سان سنڌي ٿي چڪا آهن انهن کي هاڻ  پنهنجي ذهن، ضمير، دل سان  پنهنجوپاڻ کي نفسياتي طرح به سنڌي  تسليم ڪرڻ  گهرجي  ۽ سياسي عمل ۾ پاڻ کي  سنڌ جي سياسي معاشي ۽ تاريخي مفادن سان جوڙڻ گهرجي ،  ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جسمم پاران سنڌ ۾ رهندڙ انهن  سمورين  لساني، نسلي برادرين سان جن جا ڪيترائي نسل سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهن،  انهن سمورن سان سنڌ جي وسيع تر قومي ۽ تاريخي مفادن جي مدنظر   قومي ڊائلاگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو ڊائلاگ سنڌ قومي ريڪنسيليئيشن ڪميشن جي

پليٽفارم تان  شروع ڪيو ويندو جنهن جي اڳواڻي سنڌ جا دانشور اديب سياسي ڪارڪن ۽ سمورين برادرين جي اهم ماڻهون ڪندا ڇاڪاڻ ته جسمم مٿان پابنديء سبب جسمم ان اهم قومي ڊائلاگ کي وسيع قوميڪميشن ذريعي ڪرڻ چاهي ٿي، ان سلسلي ۾ سنڌ  ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سمورن قومي دانشورن ، اديبن، سياسي اڳواڻن، صحافين استادن وڪيلن پورهيت ۽ هاري اڳواڻن سول سوسائٽيء سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ انهن سمورين لساني نسلي مذهبي تنظيمن ۽ برادرين، پريس ڪلبن جي سربراهن، بار ڪائونسلن جي اڳواڻن، استاد تنظيمن، ادبي سنگت جي اڳواڻن سميت هر شعبي جي مک اڳواڻن کي دعوت ڏني ويندي ان سلسلي ۾ اسن سنڌ جي قومي ڏاهن دلشاد ڀٽو سينيئر، استاد هجت ڪلجهوڙو، جامي چانڊيو، ساجد سومرو، ارڏو اترادي، جڳديش آهوجا، مسعود لوهار، پنهل ساريو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مانجهي فقير،  بخشل ٿلهو، رياض سهيل، عرفانا ملاح، امر سنڌو،  نصير ميمڻ، چاچا سرفراز ميمڻ، صنعان خان قريشي، اسلم خيرپوري، رياض چانڊيو، نواز خان زنئور، مهر ڊرٻائي، ننگر چنا، اصغر سنڌي، ماجد صديقي، سهيل سانگي، تاج رند، لال بخش گهوٽو، علي رند، ڪامريڊ لال جروار، ڪيهر، صوفي لغاري، روبينا شيخ، لکو لوهاڻو،مشڪور ڦلڪارو، علي قاضي، اعجاز منگي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، حسين بخش ٿيٻو، اياز لطيف پليجو، اندر جيت لوهاڻو، بيريسٽر ماما يوسف لغاري، ضمير گهمرو،  پروفيسر غلام مصطفي شر، سليم لطيفي،  منظور ميراڻي، نياز پنهور، خالد چانڊيو، سيف سميجو، مشطاق راڄپر، دليپ رتناڻي، هدايت ڀٽو، خالق جوڻيجو، سسئي لوهار، سورٺ لوهار، تاج جويو، انعام سنڌي،  قاضي آصف،  ڪلپنا ديوي، حسين شابراڻي، سهيل ابڙواحمد مجتبي، بصير نويد، محمد خان شيخ، نوجالدين جمالي، عاقب راڄپر،  امدا اوڍو، سميت سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن جي اڳواڻن، بار ڪائونسلن جي سربراهن، استاد تنظيمن جي اڳواڻن سان رجوع ڪندي انهن جي صلاح مشورن ۽ تجويزن سياسي نقطن کي سنڌ نيشنل ريڪنسيليئشن ڪميشن جي ايجنڊائن جو حصو بنايو ويندو جنهن بعد  هڪ سيمينار ڪوٺائي سنڌ ۾ رهندڙ سمورين لساني نسلي ڪميونٽيز مذ سياسي ، سماجي، سناني حقن ۽ سنڌ دوست مذهبي تنظيمن  جي سربراهن  دانشورن کي  گهرائي سنڌ ي  قوم ، سماج ۽ وطن  جو کين جز تسليم ڪرڻ لاء مجموعي  سنڌي  قوم ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو موقف انهن جي اڳيان رکيو ويندو  اسان  ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم نسلي لساني مذهبي قبائلي بنيادن  تي جڙيل ناهي پر سنڌي قوم تاريخي وطن سنڌ جي ڪري   آهي اسين  سنڌي نسلي لساني قوم نه پر وطني قوم آهيون ۽ تاريخ ۾ پڻ سورين نسلي لساني  گروهه  ۽ آباديون مختلف سببن جي ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيون آهن انهن کي به سنڌ پنهنجي جهوليء ۾ قبول ڪندي سنڌي سماج ۾ ضم ڪري چڪي آهي ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته هاڻ پڻ سنڌ ۾ موجود انهن سمورين ڪميونٽيز کي جيڪي ڪنهن به سبب جي ڪري سنڌ ۾  اچي آباد ٿيا  ۽ انهن جا ٽي   چار نسل سنڌ ۾ پيدا ٿي وڏا ٿيا آهن انهن سمورن کي هاڻ اهو موقعو ۽ احساس ڏيارجي ته توهان پڻ‌سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ پاڻ کي سنڌي تسليم ڪريو جئين گڏجي سنڌ جي سياسي معاشي مستقبل ۽ آزاد وطن جي حيثيت لاء ڪردار ادا ڪجي هن وقت تائين انهن سمورين ڪميونٽيز پاران سنڌي سماج ۽ قوم جو حصو نه ٿيڻ جي پويان رياست جون سازشون، ۽ اسان سڀني جون ڪنهن حد تائين ڪوتاهيون، علط فهميون ۽ ڪمزوريون پڻ رهيون آهن  ان ڪري اسان سڀ  هڪ ٻئي سان گڏجي ويهي سنڌ قومي ريڪنسيليئشن ڊائلاگ ذريعي انهن غلطين غلط فهمين رياستي سازشن کي دور ڪندي وطن وطن جي مستقل رهواسين ۽ سنڌي قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي ايندڙ نسلن لاء سياسي معاشي طرح سگهارو وطن  ۽ جديد سنڌي  قوم جي تشڪيل ڪري وڃون، هن قومي ري ڪنسيليئيشن ڪميشن ۽ سيمينار جي اڳواڻي پڻ سنڌ جي قومي  دانشورن، وڪيلن، صحافين  سياسي اڳواڻن  جي پينل کان ڪرائي ويندي هيء قومي ڪميشن ڪنهن هڪ سياسي ڌر پاران نه سمجهي وڃي پر هيء قومي ڪميشن پوري سنڌي قوم سماج جي باشعور ماڻهن پاران  هڪ ٻئي کي لساني نسلي مذهبن ۽ مسلڪن کان مٿاهان ٿي دل سان قبول ڪرڻ ۽ تسليم ڪرڻ لاء آهي ڇاڪاڻ ته اسان جيڪي به سنڌ ۾  ڄاوا آهيون  اسان کي هاڻ سنڌي قوم جي قومي تشيڪ نو واري هن  سياسي فيصلي ۽ ڪوشش  جو حصو بنجي   سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ پاڻ کي سنڌي قوم جو جر سمجهڻ گهرجي  گهرن ۾ ڪهڙي به ٻلي ڳالهائيندڙ آهن  ڪهڙو به نسلي لساني پسمنظر رکندڙ آهن اسان کي سنڌ وطن سنڌي قوم بنايو آهي هاڻ ان تاريخي حقيقت ۽ سچائيء  کي قبول ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي  ته اسان سڀ اهو تسليم ڪريون ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، سنڌ اسان جو وطن آهي ۽ اسين سڀ سنڌي آهيون  

اجلاس ۾ سنڌودرياه مٿان وڌيڪ ۶ ڪيئنال اڏڻ واري فيصلي کي سنڌ جي درياهه جي پاڻيء تي پنجاب جي بدماشي سينازوري ۽ سازش قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ويئي جنهن سان سنڌ سڪي ويران ۽ ريگستان ٿي ويندي جنهن فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ودرياهه جي پاڻيء معدني وسيلن سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن تي فوج جي قبضي سنڌي ٻوليء تاريخ کي رياستي سازشن تحت مسخ ڪرڻ سميت سنڌ و ديش طن جي آزاد قومي  بحاليء  لاء عالمي ادارن  اقوام متحده  مختلف ملڪن جي سياسي سربراهن انساني حقن جي عالمي ادارن سان پارٽي پاران سنڌي قوم جي نمائيندگي ڪندي رجوع ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ طي ڪيو ويو ته سنڌ وطن کي پاڪستان جي نالي ۾ پنجابي سامراج پاران غلام بنائڻ خلاف قومي تحريڪ جي سياسي فڪر  کي سموري سنڌ  تائين پهچائڻ لاء گهر گهر رابطه مهم شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ تنظيمي ۽ سياسي ڪميٽيون جوڙي  سمورن ضلعي اڳواڻن  ۽ پارٽي جي سينيئر سياسي ڪيڊر کي عوام تائين سان رجوع ڪرڻ ۽ پارٽي کي عوامي شڪل ڏيڻ لاء ڳوٺن ۽ شهرن جي پاڙن تائين رابطه ڪرڻ لاء ذميواريون ڏنيون وينديون

اجلاس ۾ سنڌي سماج جي سياسي اتحاد ايڪي گڏيل سياسي جدوجهد لاء ڪوششن ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو .

اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيم سازيء ۽ نئين ميمبرشپ لاء مرڪزي ۽ ضلعن تي مشتمل ڪميٽيون ٺاهي تنظيم سازيء جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو،

اجلاس ۾ ۾ سنڌ قومي ري ڪنسيليئيشن مڪيشن پاران قومي ڊائلاگ جي سلسلي ۾ مختلف لساني نسلي ڪميونٽيز سان رجوع ڪرڻ ۽ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن دانشورن صحافين وڪيلن استادن سول سوسائٽيء سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر  رهندڙ سنڌين سان ڳالهائڻ لاء مختلف ڪميٽيون پڻ تشڪيل ڏنيون ويون جيڪي انهن معزز ماڻهن کان قومي ڪميشن متعلق صلاحون تجويزون هٿ ڪرڻ سان گڏ ان قومي ري ڪنسيليئيشن ڪميشن جي قيام ۽ سيمينار متعلق سندن رايا تجويزون  ۽ سندن رايا معلوم ڪندا ۽ ان قومي ڪميشن جي سيمينار ۽ ڊائلاگ لاء  قومي دانشورن جي گڏيل پينل جي نالن لاء پڻ تجويزون حاصل ڪندا

اجلاس ۾ طي ڪيو ويو ته سنڌ جي بقا سلامتي ۽ آزاديء لاء قومي تحريڪ جي سياسي عمل جدوجهد ۽ عوامي رابطن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته قومي تحريڪ جي ڪمزور  سياسي عمل  جي ڪري جيڪا وٿي پيدا ٿئي ٿي ان کي رياست بنياد پرستيء نسل پرستيء ۽ سنڌ دشمن جاگيردار طبقي معرفت ڀرڻ جي سازش ٿي ڪري ان ڪري جسمم پاران سموري سنڌ ۾ سياسي تحريڪ ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي  جنهن لاء باشعور سنڌين عورتن شاگردن هارين پورهيتن وڪيلن صحافين۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي سينيئر سياسي  ڪيڊرکي هدايت ڪئي  ٿي وڃي ته بيخوف ٿي پرعزم سياسي  جدوجهد لاء پنهنجن علائقن ضلعن تعلقن ۾ تياريون تيز ڪيو

سنڌ جي آزادي بقا ، سلامتي ۽  ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاء سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌي قوم جي اجتمائي  سياسي جدوجهد  تاريخ جو آخري  سڏ آهي جنهن لاء هر هڪ باشعور سنڌي پٽ ۽ ڌيء کي هاڻ سياسي ميدان تي نڪري پاڻ ملهائڻو پوندو اسان جي پرعزم سياسي جدوجهد سگهاري قومي مزاحمت لاء اسان کي  پيچرا ۽ دڳ فراهم ڪندي.

شفيع برفتچيئرمين جسمم  

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *