سنڌ ۾ برساتن جي ڪري چوطرف وڏي تباهي ۽ بدحالي پيدا ٿي چڪي آهن، سنڌ هن وقت وڏي انساني المئي جو شڪار آهي، مسڪين ماڻهن خاص ڪري ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ماڻهن جا فصل چوپايو مال پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ هزارين گهر پاڻيء ۾ لڙهي يا ڊهي پٽ ٿي چڪا آهن، سنڌ جا عام ماڻهون بي يارو مددگار ٻوڏ ۽ برساتن جي بتاهيء سبب ننڌڻڪا بي وس لاچار بنيل آهن اقوام متحده عالمي برادري يورپ آمريڪا برطانيه ڪيناڊآ سميت سموري دنيا کي قومي تحريڪ جسمم پاران اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي هنن برساتن سبب پيدا ٿيل تباهيء ۽ معاشي نقصان بيمارين بک ۽ افلاس کان فورن بچائڻ لاء بروقت عالمي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي سنڌ جا مسڪين ماڻهون برساتن کان پوء پکڙجندڙ مختلف بيمارين ۾ ويتر پيڙهجي رهيا آهن رياست پاڪستان سنڌ جي تباهين تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري ڇڪي آهي جڏنهن ته سنڌ حڪومت جا ڀوتار مسڪينن جي بروقت، جائر ۽ گهربل مدد ڪرڻ کان اکيون پوري امداد جي نالي ۾ پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاء اٽڪلون ۽ حرفتون ويچاري رهيا آهن ۽ سنڌ هڪ يتيم ٻار ۽ بيواهه عورت ڏيک ڏيئي رهي آهي ۽ چوطرف ڦهليل تباهين جي درد ۽ پيڙا جو شڪار آهي، اسان سنڌ جي قومي تحريڪ ( جسمم) پاران دنيا جي سمورن مهذب ملڪن ۽ اقوام متحده کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ موجوده برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهين ۽ چوطرف ڦهليل بربادين بيمارين بک سبب انساني المئي ۽ تمام وڏي بحران جنم ورتو آهي، جنهن جي گهربل، مناسب ۽ بروقت هر قسم جي واهر۽ وارثي نه ڪئي ويئي ته سنڌ جا لکين مسڪين ماڻهون انهن تباهين جي ڀوڳنا کي سالن تائين ڀوڳيندا ۽ سنڌي سماج جيڪو اڳ ئي رياست جي معاشي استحصال، سياسي جبر ۽ سماجي بي ڌيانيء سبب ويڳاڻپ جو شڪارآهي، اها سنڌ موجوده برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهين سبب گهربل سهائتا نه ٿيڻ جي صورت ۾ سالن تائن بک بدحالي بيمارين معاشي تنگيء غربت ۽ افلاس جي پيڙا ۾ پيڙجندي رهندي، هي نج انساني مسئلو آهي جنهن تي پاڪستان جي رياست ڪوبه ڌيان ڏيڻلاء تيار ناهي ۽ نه ئي سنڌي قوم کي اجتماعي طرح هن رياست مان ڪا چڱائي جي ڪا اميد آهي ان ڪري اقوام متحده ۽ عالمي برادري جي مدد کان سواء سنڌ جي ڪٿان به واهر ٿيڻ جي اميد نظر نٿي اچي، اسان جسمم پاران سنڌ جي سرنديء وارن ماڻهن کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته ڌرتي ڌڻين مائن ءيڻن، ٻارن ۽ بزرگن جي فوري واهر ڪريو انهن کي راشن دوائن، اجهي ۽ مالي مدد جي سخت ضرورت آهي، حڪمران طبقا سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ۽ رويو اختيار ڪري سنڌي ماڻهن کي مصيبن بک بدحاليء جي اوڙهاهه ۾ شعوري طرح اڇلي لاپرواهيء ۽ سنڌ دشمنيء جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ان ڪري اقوام متحده، عالمي برادري ۽ سنڌ جا خوشحال سنڌي، ٻاهر ويٺل سنڌي هن قدرتي مصيبن ۽ تباهيء واري صورتحال ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مالڪي ڪن، قومي تحريڪ جي سمورن باشعور قومي ڪارڪنن سميت هرسڄاڻ سنڌيء کي هن وقت ٻوڏ جي بربادين ۽ تباهين جو شڪار پنهنجي ڀائرن جي فورن واهر ڪرڻ گهرجي هي هر سنڌيء جو قومي ۽ انساني فرض ۽ ذميواري پرڻ آهي، سنڌ جي نوجوانن کي اها پڻ هدايت ٿي ڪجي ته جتي جتي به ٻوڏ ۽ برساتن تباهيون آنديون آهن انهن جي سوشل ميڊيا تي ان غلائقي ڳوٺ ضلعي جي نالي سميت ان تباهيء نقصان جي تفصيلي رپورٽ دنيا جي اڳيان آندي وڃي، سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل تباهين جي حوالي سان جسمم پاران اقوام متحده ۽ عالمي برادريء کي تفصيلي خط لکي موجوده برساتن سبب سنڌ جي تباهه حاليء ۽ رياست جي بي ڌيانيء مجرماڻي غلفط کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.
شفيع برفت
چيئرمين جيئي سنڌ متحده محاذ
سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جون تباهيون اقوام متحده ۽ عالمي برادريء کي جسمم پاران سنڌي قوم جي بروقت مالي مدد ۽ واهر جي اپيل.

