پاڪستان ۾ فوج، حڪمران، پنجابي اشرافيا ۽ اپوزيشن جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي نالي ۾ ٽوپي ڊرامون ڪندي مظلوم قومن خلاف سياسي جبر ۽ معاشي استحصال کي تيز ڪندي تاريخي قومن جي وطنن ۽ وجود خلاف ٻه قدم اڳتي وڌي سازشون تيز ڪري رهيا آهن، سنڌ جي ڊيموگرافي سنڌ جي قومي وجود ۽ وطني تشخض خلاف خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي آهي، پيپلز پارٽي، مذهبي گروهه ۽ نسل پرست ٽولا سنڌ جي قومي وجود خلاف سازشن ۾ پنجاب جا سياسي اتحادي بنيل آهن، سنڌ جي وسيلن، درياهه سمنڊ ۽ وطني سرحدن تي پنجابي سامراج جبرن قابض بنجي سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي، سنڌ جي سامونڊي پٽيء کي پنجاب پاران چين حوالي ڪيو ويو آهي، سنڌ جي انچ انچ زمين تي پنجابي فوج جو بندوق جي زور تي قبضوڪيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جي سنجيده قيادتن، باشعور سنڌين، قومي دانشورن، اديبن، صحافين، استادن، شاگردن، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ باشعور سنڌين مٿان تاريخ جو فرض ۽ ذميواري عائد ٿي ٿئي ته سڀئي گڏجي سنڌ جي قومي بقا، وطني تشخص جي سلامتيء ۽ آزاديء لاء گڏيل “قومي ڪانفرنس” ڪوٺايون، جنهن ۾ سنڌ کي پاڪستان جي رياست اندر جبري قبضي ۽ معاشي استحصال مان آزاد ڪرائڻ لاء وسيع قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، سنڌي هڪ قوم ۽ سنڌ هڪ طن جي حيثيت ۾ اڄ جنهن سنگين خطري کي منهن ڏيئي رهي آهي، اهڙي قسم جي ڀيانڪ صورتحال مان سنڌ تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ناهي گذري ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جي سمورين پارٽين جي قيادتن، دانشورن، اديبن، صحافين استادن، نوجوانن کي اپيل ٿي ڪجي ته پاڪستاني رياست ۾ سنڌ جو قومي وجود ۽ وطني تشخص انتهائي سنگين خطري جو شڪار آهي، رياست سنڌ جي قومي وجود ۽ وطني تشخص جي ويري بنيل آهي، ان ڪري سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن قومي تحريڪ جي قيادت، دانشورن کي هڪ هنڌ ويهي خوف کي ڌڪاريندي سنڌ جي قومي بقا ۽ وطني تشخص لاء سوچڻو ۽ گڏيل سياسي حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻون پوندو، سنڌ پاڪستان ۾ بدترين قومي غلاميء، سياسي جبر، معاشي استحصال ۽ ذلت جو شڪار آهي، سنڌ کي هاڻ هن غير فطري رياست پاڪستان جي قيد ۽ غلاميء مان آزاد ڪرائڻ سنڌي قوم مٿان تاريخ جو فرض بنجي چڪو آهي، ان ڪري قومي تحريڪ جي سمورين پارٽين جي قيادت، دانشورن، اديبن باشعور سنڌين، نوجوانن کي قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي گڏيل فيصلي ۽ سياسي جدوجهد ذريعي سنڌ جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ جي وينتي ڪجي ٿي، سنڌ، هند ۽ دنيا ۾ پکڙيل سمورن سنڌين کي سنڌ جي وجود جي سلامتيء لاء ان قومي ڪانفرنس جي حمايت ڪرڻ ۽ ان قومي ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاء پنهنجي راء ڏيڻ گهرجي. مهرباني
فقط
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ