اسان دنيا جي مهذب ملڪن ۽ عالمي ادارن کي آگاهه ٿا ڪريون ته سنڌي ٻولي انساني تهذيب جي خالق ٻولي رهي آهي ، سنڌي ٻولي ويدن پراڻن ۽ اپنشدن کان قديم ٻولي آهي سنڌي ٻولي سنسڪرت ۽ پراڪرت کان به قديم ٻولي رهي آهي سنڌي ٻولي سنڌ جي عظيم تهذيب جي خالق ۽ ماءُ ٻولي آهي جنهن دنيا جي سمورين ٻولين جي ماءُ ۽ پيءُ ٻوليءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ اها عظيم ٻولي غلاميء سبب پنهنجي وجود جي خاتمي ۽ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاري ويئي آهي، يورپ جي سمورين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءُ جا قديم ۽ پراڻا لفظ ثابت ٿا ڪن ته سنڌي ٻولي هڪ عظيم ۽ قديم ٻولي رهي آهي، جنهن کي پاڪستان ۾ مسلسل ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن، هندستان ۾ سنڌي ٻوليء کي مان سمان ۽ قومي مرتبو ڏيئي قومي ٻولين جي صف ۾ بيهاريو ويو آهي پر جنهن خطي، زمين ۾ سنڌي ٻوليءُ جنم ورتو ۽ جنهن سنڌوسڀيتا ۽ تهذيب کي سنڌي ٻوليء جنم ڏنو ان خطي ۾ سنڌي ٻوليء سان شديد دشمني ڪندي ان کي ميسارڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، هي انسانيت لاء هڪ شرم جوڳو ڪم آهي.
ٻوليون قومن، تهذيبن ۽ وطنن جي سڃاڻپ هونديون آهن ڪابه قوم پنهنجي ٻوليء ۽ وطن سان سڃاتي ويندي آهي پر هن خطي ۾ هڪ سازش تحت سنڌي ٻوليءُ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪر ان ڪري روا رکيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته غير فطري رياست سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن کي مذهب جي ڌوڪي ۽ فريب جي ذريعي ختم ڪرڻ ٿي چاهي، تاريخ جي عظيم سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن خلاف جيڪي سازشون ڪيون پيون وڃن انهن جو سبب سنڌ کي بدترين غلاميء جو شڪار بنائي سنڌ جي قومي وجود ۽ وطني تشخص خلاف سازش ڪرڻ آهي، جيئن ته خطي جي سوراور ۽ سامراجي قوتن جي اها هڪ وڏي سوچيل سمجهيل چال آهي ان سازش ۽ چال کي ڪامياب بنائڻ لاء ضروري آهي ته پهرين سنڌي قوم کان ان جي ٻولي کسي وڃي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو پاڪستان جي ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌي ٻوليء سميت سمورين تاريخي قومن جي ٻولين خلاف هن رياست جي مالڪن ۽ ڪرتا ڌرتائن پاران مڪروح سازشون شروع ڪيون ويون، اهو ئي سبب آهي جو بنگالي قوم سڀ کان پهرين پنهنجي مادري ٻوليء جي حفاظت ڪندي رياست پاران تاريخي قومن جي ٻولين خلاف سازش تي تمام وڏو سياسي احتجاج ڪيو جيڪو احتجاج هڪ سگهاري سياسي ۽ قومي تحريڪ جو رخ اختيار ڪندي نيٺ هن سازشي ۽ غير فطري رياست کان بنگلاديش جي آزاديء جي صورت ۾ پڌرو ٿيو ۽ بنگالي قوم ان طرح پنهنجي قومي ٻوليء تاريخ، وطن ۽ قوم کي بچائڻ ۽ هميشه لاء سلامت رکڻ ۾ ڪامياب ويئي، مگر سنڌي قوم اڄ به پنهنجي تاريخي وجود وطن قوم ۽ ٻوليء جي حوالي سان رياست جي مختلف سازش جو شڪار آهي، اڄ سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وطن، قومي روايتن، مزاج، سڀاءُ ڪلچر،۽ ماءُ ٻوليء جي وجود جي سلامتيء لاء پاڻ پتوڙي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته تاريخي قومن جون ٻوليون قومي منڊيء سبب ئي زنده رهنديون ۽ بچنديون آهن ۽ قومي منڊي قومي آزاديء ذريعي ئي محفوظ ۽ سلامت هوندي آهي، ان ڪري اڄ سنڌي ٻوليء جي بقا، سلامتيء جو سوال تاريخ سنڌوديش جي آزاديء سان مشروط بنائي ڇڏيو آهي، ان ڪري اڄ ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اسان پوري دنيا جي مهذب ملڪن، سماجن ۽ عالمي ادارن اڳيان پنهنجي قومي ڳڻتيء جو کليل اظهار ٿا ڪريون ته سنڌي قوم جي ٻولي، قومي وجود، بقا ۽ سلامتيء کي تمام گهڻو خطرو لاحق آهي، سنڌي ٻوليء جي تاريخي عظمت کي سامهون رکندي انگريزن پڻ اهو قانون پاس ڪيو هئو ته ڪوبه انگريز جيڪو سنڌ ۾ نوڪري ڪندو ان لاء لازم هئو ته اهو پهرين سنڌي ٻولي سٺي طرح ڳالهائڻ لکڻ ۽ پڙهڻ سکي جڏنهن ته پاڪستان جي ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان سنڌي ٻوليء سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جي خلاف رياستي سازشن جا ڄار وڇايا ويا آهن، جنهن خلاف اڄ به سنڌي قوم سراپائي احتجاج بنجندي جدوجهد ڪري رهي آهي، جيئن ته اڄ ٻولين جو عالمي ڏينهن آهي ان ڏينهن حوالي سان اسان اقوام متحده، عالمي برادريء ۽ دنيا جي سمورين مهذب ۽ جمهوري قومن، ملڪن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي سنڌي ٻوليء جيڪا دنيا جي قديم تهذيب سنڌوسڀيتا جي ٻولي آهي، جيڪا دنيا جي سمورين ٻولين جي ماءُ ۽ ٻيءُ ٻوليء جو درجو رکي ٿي، جيڪا هن خطي ۽ دنيا جي عظيم ٻولي آهي، ان سنڌي ٻوليء سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن کي هن غير فطري رياست پاڪستان جي قبضي، بنياد پرست مذهبي ٻه قومي نظرياتي جنونيت ۽ نسل پرست فاشي سند دشمن ٽولن جي سازشن کان سخت خطرو لاحق آهي، اڄ سنڌي قوم جي وجود ۽ بقا جي تقاضا آهي ته سنڌي ٻوليء کي بچايو ۽ محفوظ بنايو وڃي، جنهن جي بقا صرف سنڌوديش وطن جي آزاديء سان مشروط آهي، سنڌي قوم جا باشعور ماڻهن سمجهن ٿا ته غير فطري رياست پاڪستان، مذهبي بنياد پرست ٻه قومي نظريو، فرسودا مدي خارج جاگيردار طبقو ۽ نسل پرست فاشي ٽولا سنڌي ٻوليء قوم ۽ وطن جا سڀ کان وڏا دشمن آهن.
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ