سنڌي سماج کي قومي غلاميءَ جي ذلتن نستو، بي حس ۽ ساڻو ڪري ڇڏيو آهي، افسوس جو سنڌ جي نياڻين جي بي حرمتي ٿيڻ تي سمورو سماج خاموش ۽ لاتعلق ٿي ويهي تماشائي جو ڪردار ادا ڪري ٿو، ان کان وڌيڪ بي حسي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاهه جي نياڻي سنڌ جي لڄ عزت ۽ غيرت پروين رند جون آهون سسڪيون ڳوڙها سنڌي سماج جي قومي غيرت ۽ قومي روايتن جي لاءَ هڪ تمام وڏو سواليان نشان بنچي چڪو آهي “جنهن سنڌ ۾ نياڻي ست قرآن سمجهي ويندي آهي” ان سنڌ ۾ اڄ هڪ نياڻي پيرين اگهاڙين انصاف لا واجهائي ٻاڏائي ۽ سماج جي بي حسيءَ تي روئي رهي آهي، سموري سنڌ جي اديبن، دانشورن، قومي ڪارڪنن ۽ باشعور سنڌين کي گهرجي ته اهي سنڌ جي لڄ، نياڻي ۽ غيرت پروين رند کي انصاف ڏيارڻ لا سموري سنڌ ۾ سراپا احتجاج بنجي هڪ باشعور، جيئري، سڄاڳ ۽ غيرت مند قوم هجڻ جو ثبوت ڏين، جيستائين سنڌ جي نياڻي پروين رند کي انصاف نٿو ملي ان وقت تائين سنڌ جا باشعور ۽ غيرتمند قومي ڪارڪن سنڌ جي مختلف شهرن جي پريس ڪلبن اڳيان سنڌ جي نياڻيءَ پروين رند جي انصاف ڏيارڻ لاءِ بک هڙتالن ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪن

