جسمم پاران ۳۱ مارچ کي سموري سنڌ ۾ يوم سنڌوديش ڪري ملهائڻ جو اعلان، سينٽرل ڪميٽي ۾ اهم فيصلو ڪيو ويو، سنڌي قوم ۳۱ مارچ تي سنڌوديش جي ۵۰ اعلان سالگره تي اجتماعي طرح تجديد عهد وفا جي وچن کي دهرائين، شهيدن جي مزارن تي حاضريون، درياه کي گلن جي ڀيٽا ۽ قومي پرچن کي هر شهر ڳوٺ ۾ ڦڙڪايو ويندو. شفيع برفت

 جيئي سنڌ متحده محاذ جي سينٽرل ڪميٽيء جو اجلاس زير صدارت پارٽي چيئرمين شفيع برفت جي ٿي گذريو اجلاس ۾ سنڌ، خطي ۽ عالمي سياسي صورتحال ۽ روس يوڪرين جنگ جو جائزو وٺندي اهم تنظيمي ۽ سياسي فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ عظيم مفڪر ۽ رهبر سنڌوديش سائين جي ايم سيد پاران ڪيل اعلان سنڌوديش جي ۵۰  سالگره جي ڏينهن ۳۱ مارچ کي پارٽي پاران يوم سنڌوديش جي ڏينهن طور تجديد عهد وفا جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو هر سال جيئن هن سال به ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ سموري سنڌي قوم ( سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ) سنڌين کي اپيل ڪندي کين آگاه ڪيو ٿو وڃي ته ايندڙ ۳۱ مارچ جي ڏهاڙي تي سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن، پاڙن، ڳوٺن، گهرن، اوطاقن ۾ سنڌي قوم جا باشعور سنڌي صبح جو ۹ وڳي سنڌوديش جو قومي ترانو بلند آواز ۾ هلائي ان جي احترام ۾ اٿي بيهن، ان سان گڏ سنڌ جي  سمورن قومي ڪارڪن کي پڻ هدايت ٿي ڪجي ته اهي سنڌ جي سمورن ضلعن، تعلقن ۽ ننڍن وڏن شهرن، پاڙن، ڳوٺن تي قومي ميڙاڪان ڪرڻ سان گڏ چوراهن روڊن جي ڀر پاسي جي وڻن اهم جڳهن تي ڪهاڙِيء وارن قومي جهنڊن جي پرچم ڪشائي ڪن، سوشل ميڊيا تي متحرڪ سمورا ذميوار ۽  باشعور سنڌي نوجوان سنڌوديش جي آزاديء جي قومي ڏهاڙِ جي حوالي سان خاص سجاڳي ۽ قومي جاڳرتا مهم طور تي مختلف پروگرام ۽ بحث مباحثه ڪن، ٽويٽر اسپيسن تي قومي بيداري لاء خصوصي پروگرام ڪري دنيا اڳيان سنڌوديش جي آزاديء جي سفاترڪاري ڪندي سنڌ جو تاريخي ۽ قومي ڪيس دنيا اڳيان اجاگر ڪن پمفليٽن ۽ چاڪنگ ذريعي سموري سنڌ ۾ يوم سنڌوديش جي حوالي سان تجديد عهد وفا جي پرچار ڪن تعليمي ادارن ۾ نوجوان پمفليٽن ذريعي جاڳرتا مهم هلائيندي قومي پرچم ڪشائي ڪن ۽ قومي تراني کي هر تعليمي ادارن، هاسٽلن ۽ رومن ۾ هلايو وڃي، پارٽي پاران يوم سنڌوديش جي حوالي سان عالمي ادارن اقوام متحده ۽ مختلف ملڪن جي سربراهن کي سنڌوديش جي آزاديء جي حوالي سان پارٽي پاران لکت ۾ ياداشت نامه موڪلڻ جو پر اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي سمورن سينيئر قومي ڪارڪنن اديبن دانشورن استادن ۽ شاعرن  سان رابطه ڪري کين سنڌوديش جي آزاديء جي حوالي سان پنهنجن حلقن ۾ بحث مبآحثه ڪرڻ ۽ ان خاص ڏهاڙِ جي حوالي سان نئين قومي شاعري جون اتساهيندڙ نيون رچنائون ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪئي ٿي وڃي سنڌ جي باشعور ماڻهن ۽ قومي ڪارڪنن کي اها پڻ هدايت ڪئي ٿي وڃي ته يوم سنڌوديش جي ڏهاڙِي ۳۱ مارچ تي سنڌ جي سمورن تاريخي قومي ڪردارن ۽ شهيدن جي مزارن تي مقامي قومي ڪارڪنن اديبن شارن پاران گڏيل وفدن جي صورت ۾ حاضري ڀري گلن جون چادرون جنهن ۾ عظيم رهبر سائين جي ايم سيد، محسن سنڌ حيدربخش جتوئي،، قومي شاعر شاهه لطيف، سچل سائين، سامي، جهولي لال، شهباز قلندر، شاه عنايت، دوله دريا خان، مخدوم بلاول، شاه گودڙيو، شهيد بشير خان قريشي، شهيد سميع الله ڪلهوڙو شهيد مظفر ڀٽو، شهيد سرائي قربان کهاوڙ،شهيد اسد عباسي،شهيدممتاز ڀٽو،شهيد مشتاق خاصخيلي،شهيد بابر سنديلو،شهيد ماجد ميمڻ،شهيد ذوالفقار ڪولاچي ،شهيد اعجاز سولنگي،شهيد روپلو چولياڻي،شهيد نورالله تنيو،شهيد سڪندر سومرو،شهيد عامر کهاوڙ،شهيد سجاد مرکنڊ،شهيد منيرخان چولياڻي،شهيد انيس سومرو،شهيد روشن بروهي،شهيد آصف پنهور،شهيد افضل پنهور،شهيد ضامن شاه،شهيد صوبل ڏهر،شهيد يامين چاچر،شهيد راجا ڏاهري،شهيد سليم سومرو،شهيد سرويچ پيرزادو،شهيد شڪيل کونهارو،شهيد واجد لانگاه،شهيد فهيم ڀٽو،شهيدبرڪت چانڊيو،شهيد وحيد لاشاري،شهيد مقصود قريشي،شهيد سلمان وڌو، شهيد حليم چنا،شهيد صاحب خان گهوٽو،شهيد پريل شاه،شهيد راجا ڏاهرڀنڀرو،شهيدذاڪر بوزدار،شهيد ساگر حنيف بڙدي،شهيدعاشق مغيري،شهيدنياز لاشاري،شهيد وقار ڏاوچ،

‎شھيد مٺو بليدي, شھيد انورعباسي, شهيد امان الله وسطڙو, ,شھيد مالڪ خشڪ,شھيد ذڪريا ميمڻ، حفيظ قريشي، سائين عطامحمد ڀنڀرو، خاڪي جويو، نياز همايوني، نجم عباسي، ابراهيم جويو، ابراهيم منشي، امين کوسو، جبار ڪيهر، شهيد نظير عباسي ۽ ٻوليء جي شهيدن سميت سنڌ جي سمورن شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهڻ ۽ شهيد هيمون ڪالاڻي شهيد روپلو ڪولهي، شهيد اول مهاراجه ڏاهر جي تصويرن اڳيان ڏيئا ٻاري کين قومي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ان سان گڏ مختلف هنڌن تي سنڌودرياه  کي ڏيئا ڀيٽ ڪندي گل نڇاورڪرڻ لاء پڻ باشعور سنڌين کي اپيل ڪئي ٿي وڃي سنڌ جي باشعور نوجوانن کي اها پڻ هدايت ٿي ڪجي ته يوم سنڌوديش جي ڏهاڙي جي مناسبت سان موئن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، امر ڪوٽ، حيدرآباد جي پڪي قلعي جون حاضريون ڀريندي اتي قومي جهنڊن کي ڦڙڪايو وڃي اجلاس ۾ سنڌ هند ۽ يورپ، امريڪا، برطانيه، ڪيناڊا جي سنڌين سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ باشعور سنڌين کي پڻ اپيل ڪئي ٿي وڃي ته اهي پڻ دنيا جي جنهن به حصي ۾ رهن ٿا اتي ۳۱ مارچ کي يوم سنڌوديش جو ڏهاڙو ڪري ملهائين ۽ ان ڏهاڙي کي آزادي جي ڏهاڙِ طور ملهائيندي تجديد عهد وفا جي وچن کي قوم ۽ سنڌ سان ورجائين، اجلاس ۾ سنڌ جي سمورن سينيئر قومي ڪارڪنن سان رابطه ڪري جسمم کي وڌيڪ سگهارو ۽ منظم ڪرڻ لاء سندن سياسي تجربن، تجويزن ۽ صلاحن وٺڻ ۽ جسمم کي هڪ سگهاري انقلابي ۽ عوامي پارٽي بنائڻ لاء سندن خدمتون ورتيون وينديون، اجلاس ۾ سنڌي قوم سان اهو وچن پڻ دهرايو ويو ته جسمم سياسي جدوجهد، قومي مزاحمت ۽ عالمي سفارتڪاري جي اصون ۽ حڪمت عملين تي هلندي ۽ پنهنجي لازوال قربانين جي قومي ۽ انقلابي روايتن تي ثابت قدم رهندي مادري وطن سنڌوديش هڪ ڏينهن ضرور آزاد ڪرائيندي، اجلاس ۾ زاتي سماجي مجبورين سبب جسمم کان ڪنارا ڪش ٿي ويهي رهيل سمورن قومي ڪارڪنن سميت سنڌ جي سمورن سينيئر قومي ڪارڪنن سان رجوع ڪندي کين ٻيهر جسمم جو حصو ٿي قومي جدوجهد ۾ پنهنجو تاريخي فرض نڀائڻ لاء رابطه ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ مختلف سياسي انتظامي فيصلا پڻ ڪيا ويا اجلاس ۾ روس يوڪرين جنگ ۽ عالمي صورتحال جي حوالي سان پارٽي جو تفصيلي موقف پڻ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪوايندڙ پڌرائيء ذريعي جاري ڪيو ويندو

‎جسمم ميڊيا سيل

Leave a Comment