جسمم شهيدن جو ڪافلو ۽ آزاديء جي آخري اميد آهي!

جسمم ٿورو سياسي حوالي سان متحرڪ ٿي آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ايجنسيون سموري سنڌ ۾ جسمم خلاف متحرڪ ٿيون آهن، ڪراچي ريلي ۾ سرگرم ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جسمم ڪارڪنن جي مٽن مائٽن کي رياست ڌمڪائي پئي ۽ پريشر پئي ڏيئي ته توهان جا نوجوان هڪ ڀيرو ٻيهر جسمم ۾ متحرڪ ٿيا آهن انهن کي روڪيو ٻي صورت ۾ سڄي خاندان کي تڪليف ٿيندي!
مختلف شهرن ۾ جسمم ڪارڪنن جي مٽن مائٽن جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن انهن انهن جونروڪيون پيون وڃن ان قسم جون حرڪتو ۽ حربا رياست جسمم جي ڪارڪنن خلاف سموري سنڌ ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ سوشل ميڊيا واٽس اپ گروپن ۽ فيس بڪ تي پڻ جسمم جي مخالفت ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو وڃي.
باوجود ان جي جسمم ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن ڪارڪن پنهنجي سياسي عمل جي ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن قومي تحريڪ ( جسمم ) پنهنجو سياسي عمل جاري رکندي ته ٻئي پاسي رياست به فطري ڳالهه آهي جسمم کي روڪڻ جي هر طرح سان ڪوشش ڪندي گم شدگيون، گرفتاريون ڌمڪيون پريشر ۽ هر قسم جي مخالفت ڪري ايجنسيون جسمم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪنديون، اها ڪئي ۽ ٻليء واري راند آهي جيڪا سنڌوديش جي آزاديء تائين هلندي رهندي …!
جسمم شهيدن جو ڪافلو ۽ تاريخ جو اٽل سچ آهي، جسمم کي رياست جا حربا، سازشون ڌمڪيون ۽ تشدد ذريعي ڊيڄاري ۽ ختم نٿو ڪري سگهجي، جسمم سنڌي قوم جي آزاديء جي آخري اميد آهي، ان کي پاڪستان جون ايجنسيون ته ڇا پر دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي، جسمم جو هر قدم هر وک اڳي کان اڳري ۽ اڳتي هوندي.
هي ماڻهون وهه جو ڍُڪ ٿيا،
جيئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا!
شفيع برفت چيئرمين جسمم

Leave a Comment