سنڌ پاڪستان ۾ غلام هجڻ سبب پنهنجي تاريخي قومي حيثيت، وقار ۽ وجود کي تيزيء سان ختم ڪري رهي آهي، پنجابي سامراج مذهب جي آڙ ۾ سنڌ کي غلام بنائي سنڌ جي قدرتي وسيلن سمنڊ ڪوئلي تيل ۽ گيس تي قبضو ڪري سنڌ جو معاشي استحصال ڪري رهيو آهي، سنڌي ٻوليء کي مڪمل طرح پاڪستان ۾ ختم ڪرڻ جون سازشون جاري آهي، سنڌ ۾ ٻين ملڪن ۽ صوبن جي ماڻهن کي هڪ منظم سازش تحت آڻي آباد ڪيو ويو آهي جيئن سنڌي قوم کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۾ هڪ اقليت بنائي دائمي طرح سان پنجاب جي غلاميء ۾ رکيو وڃي، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي ميسارڻ لاء رياستي سازشون جاري آهن، سنڌ جي قومي حيثيت ۽ وطني سرحدن جي تقدس اختيار کي سنڌي قوم کان کسڻ لاء سنڌ مٿان غدار جاگيردار طبقي کي رياست، فوج ۽ ايجسين پاران زبردستي مڙهيو ويو آهي، جيڪي سنڌ کي پاڪستان ۾ پنجاب جو غلام بنائي پنهنجي عارضي اقتدار ۽ شخصي، خانداني مفادن کي حاصل ڪري سنڌ وطن جي وجود جا ويري بنجي ڌرتي ماء سان غداري ڪرڻ لاء انتهائي بي حيائي جي حد تائين پهچي چڪا آهن، موجوده ٻوڏ ۽ سيلاب جي ذريعي سنڌ کي فوج وڏيرن سان ملي ڀڳت ڪندي هٿرادو سازشن سان مختلف بندن کي غير ضروري ڪٽ ڏياري سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر کي ان ڪري ٻوڙايو آهي جو فوج ۽ پاڪستان جي پنجابي سياسي اشرافيا ۽ اسٽيبلشمينٽ اقوام متحده ۽ عالمي برادريء کان ڪروڙين ڊالر امداد جي صورت ۾ وٺڻ جون سازشون رٿي رهيا هئا ۽ پاڪستان مٿان جيڪي دنيا جي ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن جا اربين روپين جا قرض آهن اهي قرض معاف ڪرڻ لاء فوج ۽ پنجابي سياسي ڌرين سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي لوڙهي برباد ڪري ڇڏيو، سنڌي قوم کي نڌڻڪو ويڳاڻو لاچار بي يارو مددگار بنائي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، سنڌ جي وجود خلاف ڪيل ان سازش ۾ پيپلز پارٽِء جا بي ضمير ڀوتار فوج ۽ پنجاب جي دلال ۽ ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ايڪيهين صديء ۾ سنڌ کي هٿرادو طرح هڪ منظم سازش تحت ٻوڏ جي پاڻيء ۾ ٻوڙي ناس ڪيو ويو آهي، آمريڪي سائنسي اداري ناسا پاران سنڌ جون سيٽلائيٽ ذريعي ڪڍيل تصويرون جاري ڪندي اهو چيو ويو آهي ته سنڌ هن وقت مڪمل طرح پاڻيء جي وڏي ڍنڍ بنجي چڪي آهي جيڪو پاڻي ايندڙ هڪ سال تائين سنڌ مان نڪري نه سگهندو ۽ ٻوڏ سبب سنڌي ماڻهن جا اربين روپين جا فصل مال متاء قيمتي شيون سڀ ڪجهه لڙهي ويو ناس ٿي ويو آهي ٻه ڪروڙ انسان دربدر ٿيا آهن، ۵۰ لکن کان مٿي گهر لڙهي ڊهي پٽ ٿي ڇڪا آهن، ٽي هزار ماڻهون ٻوڏ سبب مري ويا اهن اسي سيڪرو سنڌ مڪمل ختم ۽ تباهه ٿي ڇڪي آهي، اربين روپين جا بيٺل فصل پاڻِء ۾ لڙهي ويا آهن مسڪين ماڻهن جا ڍور ڍڳا مينهون ڳئون لڙهي ويون آهن، ٻئيء آبد ڪرڻ واريون مشينون ٽريڪٽر پاڻيء ۾ ختم ٿي چڪا آهن ۽ سنڌي قوم پنهنجي بدن جي ٻن ڪپڙن سان پنهنجي ٻچن عورتن بزرگن کي ٻوڏ جي ان تباهيء مان ڪڍي پنهنجون زندگيون خبر ناهي ڪهڙن سورن تڪليفن کان پوء بڇايون آهن جن کي رياست حڪومت پاران ڪابه به مدد ناهي ملي فوج ۽ وڏيرن ۽ ڀوتارن ٻوڏ جي آڙ ۾ اربين روپيا پاڻ ۾ ورهائي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ شروع ڪيا آهن جڏنهن ته مسڪين ماڻهون تباهه حال هجڻ کان پوء وري بکن بيمارين نفسياتي طرح ڊپريشن جو شڪار ٿي ڇڪا آهن سموري قوم هڪ زنده لاش بنجي چڪي آهي سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پنجاب جو اڳ ئي قبضو ڪيل آهي شهرن ۾ ڌارين کي منظم سازش تحت فوج ۽ رياست آڻي آباد ڪري شهري نوڪرين ڪارخانن ملن ۾ مزدوريء ڪاروبار تي ڌارين کي قابض ڪري چڪي آهي، سنڌي قوم هڪ طرف باهه ته ٻئي پاسي پاڻيء واري حآلت جو شڪار موت جي منهن ۾ بکن بيمارين کان پاهه ٿي پنهنجي ئي وطن ۾ پنهنجي وسيلن قومي دولت هوندي پينون فقيرن واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي، جنهن ۾ پنجابي فوج رياست جي سنڌ دشمنيء ۽ سازشن سان گڏ پيپلز پارٽيء جي غداريء ۽ ٻه اکيائيء مجرماڻي ڪردار جو پڻ هٿ شامل آهي، ان ڪري اسان ۲۰۱۰ واري ٻوڏ وقت به دنيا کان اها گهر ڪئي هئي ته روڪ پيئسن جي امداد ۽ سٺي سامان جي مدد جيڪا پاڪستان جي حڪومت کي دنيا پاران ڏني ويئي هئي اهي پيئسا فوج وڏيرا ۽ اسٽيبلشمينٽ وارا کائي ٿا وڃن ۽ ٻوڏ متاثرن لاء دنيا پاران موڪليل سٺا ٽينٽ فوج پاڻ وٽ کڻي لڪائي ٿي ڇڏي سموري دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان جي فوج دنيا جي ڪرپٽ فوج آهي ان ڪري اسان ۲۰۱۰ ۾ به دنيا ۽ اقوام متحده کان اهو مطالبو ڪيو هئو ۽ هاڻ ۲۰۲۲ واري ٻوڏ ۾ جيڪا سنڌ جي تاريخ ۾ نوح نبيء واري ٻوڏ کان پوء هي ٻيو ڀيرو ساڳي ٻوڏ آئي آهي ان ۾ ٿيل نقصانن جو ڪو اندازوئي ناهي ان ڪري جسمم دنيا اقوام متحده عالمي برادريء کان اها گهر ۽ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي تباهه حال ماڻهن جي ٻيهر معاشي بحآليء لاء في خاندان ( هر شادي شده جوڙي) کي هڪ ڪروڙ روپيا اقوام متحده جي ٽيمن جي سڌيء نگرانيء ۾ ڏنا وڃن جيئن سنڌي قوم کي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل معاشي ۽ ذهني، نفسياتي تباهيء ۽ برباديء مان ٻآهر ڪڍي سگهجي ۽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي بچائي ۽ محفوظ ڪري سگهجي، جسمم ان سلسلي ۾ دنيا جي سمورن ملڪن عالمي ادارن انساني حقن جي تنظيمن ۽ اقوام متحده سان لک پڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي پڻ جسمم دنيا کي سنڌ جي ان تباهيء جي پويان رياست فوج ۽ وڏيرن جي سازشي ڪردار کي اگهاڙو ڪرڻ لاء اڳ ئي لک پڙهه ڪري ڇڏي آهي، جسمم سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي مالڪي ڪندي دنيا کان اهو مطالبو ٿي ڪري ته ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهيء جو شڪارسنڌ قوم جي في خاندان کي هڪ ڪروڙ روپيا ڏيئي سنڌي قوم جي معاشي سماجي بحاليء ۾ انهن جوساٿ ڏنو وڃي، سنڌي قوم کي پاڪستان ان جي فوج ۽ پيپلز پيرٽيء جي بي ضمير ڀوتارن ۽ وڏيرن ۾ ذرو به مدد جي اميد ۽ آسرو ناهي ان ڪري دنيا جي مهذب ملڪن کي سنڌي قوم جي واهر ڪرڻ جي جسمم پاران اپيل ڪجي ٿي. مهرباني
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ
اقوام متحده ۽ عالمي برادريء کي اپيل ٿي ڪجي ته ٻوڏ جي تباه ڪارين جو شڪار سنڌ جي هر خاندان کي اقوام متحده جي نگرانيء ۾ في خاندان هڪ ڪروڙ روپيا ڏيئي سندن معاشي بحآليء ۾ سنڌ جو ساٿ ڏنو وڃي. شفيع برفت

